گهوٽڪي: 5 ڏوهارين کي مارڻ واري دعويٰ ڪوڙي قرار

0
527

گهوٽڪي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 5 ڏوهارين کي مارڻ واري دعويٰ ڪوڙي قرار ڏني وئي آهي، مارجي ويل ٻن سڳن ڀائرن جي وارثن پوليس تي جڙتو مقابلي جا الزام هنيا آهن

نوجوان جي وارثن الزام هنيو ته پوليس رات دير سان مبينا مقابلي ۾ ٻن سڳن ڀائرن سوڌو 5 ڏوهاري مارجڻ جي دعويٰ ڪئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته عالم خان ڇڄڻ، 2 ڀائرن اختيار ۽ سچل سولنگي کي سيوهڻ مان گرفتار ڪرڻ بعد گهوٽڪي ۾ جڙتو مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو، مٿن ٽرانسفارمرز ۽ بجلي جون تارون چوري ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو

 مارجي ويل ٻن ڀائرن جي وارثن احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته پوليس اختيار ۽ سچل کي ٽن دوستن سان گڏ جڙتو مقابلي ۾ ماريو آهي

متاثرن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف جي اپيل ڪئي آهي