وزيراعظم جو عوام سان سڌو سنئون فون ڪالز جو وقت تبديل

0
482
عمران خان جو ڪينيڊين

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان  اڄ آچر جي منجهند جو پروگرام ”توهان جو وزيراعظم“ ۾ عوام جون سڌو سنئون فون ڪالز ٻڌندو

وزيراعظم جي سياسي رابطن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته وزيراعظم ٽيليفون تي شهرين جون شڪايتون ۽ تجويزون ٻڌندو ۽ کين حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪندو

وزيراعظم جو عوام سان ڳالهائڻ جو وقت 3:05  مقرر هو پر هاڻ سينيٽر فيصل جاويد جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جو عوام سان فون تي ڳالهائڻ جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي

وزيراعظم هائوس جي ٽوئيٽر اڪائونٽ موجب عوام هاڻي 3:30 وڳي عمران خان سان سڌو سنئون ڳالهائي سگهندا