بحرانن جي ور چڙهيل سنڌ !!

0
143
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

مدثر کهاوڙ  گاجي کهاوڙ مان لکي ٿو

ٻاهرين ملڪن ۾ حڪومتون جيڪي آھن اهي عوام جي ڀلائي لاءِ سوچي سمجهي اعلان ڪري عملي ڪم ڪنديون آھن ته جيئن ملڪ ترقي به ڪري ۽ عوام جا مسئلا به حل ٿي سگهن  پر اسان وٽ هتي ان جي ابتڙ ڪم هلي ٿو. ووٽ وٺڻ مهل چونڊيل نمائندن طرفان واعدا ڪيا ويندا آھن ۽ سبز خواب ڏيکاريندا آھن ته توهان جا جيڪي مسئلا آھن اهي حل ڪيا ويندا جيئن روڊ رستا، تعليم، صحت، بيروزگاري ۽ کوڙ سارن مسئلن جي حل جا خواب ڏيکاري حڪمران چونڊجڻ کانپوءِ لڀن ئي نٿا پوءِ عوام ويٺو ٿو پنج سال سڏڪا ڀري. جڏھن ته چونڊيل نمائندا پاڻ بجيٽون ۽ مراعتون وٺي ويهي رهن ٿا جڏھن ته عوام ساڳيو سورن ۾. پر اهڙي ڳالهين سان عوام جو ڇا وڃي عوام کي ته چونڊيل نمائندن طرفان ڪو به رليف نٿو ملي جنهن ڪري سنڌ جي هر تڪ توڙي علائقن جا روڊ رستا، اسڪول، صحت، سرڪاري ادارا تباهه حال آھن ۽ چونڊيل نمائندن جا فنڊ ۽ ٽائونن جي ميونسپلن جون ڪروڙين رپين جون بجيٽون خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿين ٿيون.؟ هڪ طرف اها صورتحال آھي ته ٻئي پاسي ڪافي ڏينهن کان وٺي سنڌ توڙي ملڪ ۾ زرعي يوريا ڀاڻ جو بحران پيدا (ڪيو ويو) ٿي ويو آھي،

جڏھن ته اڳ ۾ ئي زرعي ڀاڻي جي کوٽ سبب آبادگار طبقو سخت پريشان هو ۽ ڀاڻ جي کوٽ ڪري آبادگارن کي ويتر پريشان ڪيو ويو آھي. اسانجي سنڌ ۾ تقريبن 70 سيڪڙو جيڪو طبقو آھي ان جو سڄو دارو مدار زرعي آبادي تي آھي جيڪي آبادگار ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، وونئڻ ۽ ٻيا ڪيترائي فصل ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا آھن، جڏھن ته اهي فصل اسانجي سنڌ توڙي پاڪستان جي معيشت جو ڪرنگهو پڻ آهن ۽ آبادگار ماروئڙا آبادي ڪري سال جي خريداري پڻ ڪندا آھن ۽ ڪيترن جو ته فصل تي گذارو هوندو آھي ۽ هُو شادين ڪاڄن جا پروگرام به فصل کڻي پوءِ ڪندا آھن پر واپارين توڙي حڪمرانن هتان جي آبادگارن کان سارين ۽ ڪڻڪ جو فصل به کسي ورتو آھي. هن سال ته پاڻي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو جڏھن رائيس ڪئنال جي پٽي جو 45 سيڪڙو سارين جو فصل نه ٿي سگهيو جيڪڏھن فصل ٿيو  به آھي ته  اها گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايراضي نه لهي سگهي  آھي جڏھن ته زرعي پاڻي بحران جي ڪري ڪيتريون زمينون بنجر بنجي ويون آھن جنهن ڪري آبادگار ڪنگال ٿي ويا آھن ته ٻئي پاسي ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو آھي.

ڪارو ڀاڻ ڊي اي پي جيڪو في ٻوري 38 سو کان 4 هزار تائين ملندو هو اهو هن وقت 9 کان 10 هزار تائين في ٻوري بليڪ تي آبادگارن کي مليو جڏھن ته اڇو ڀاڻ جنهن جي سرڪاري في ٻوري جي رقم 1768 رپيه هئي اها  بليڪ تي 28 سئو کان 3 هزار تائين آبادگارن کي بليڪ تي  ملي رهي آهي. جنهن ڪري واپارين ۽ ڊيلرن آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦريو آھي ۽ هن سال ته واپارين اهڙو ڪم ڪيو ڇاپن جي ڊپ کان ڀاڻ رائيس ملن ۽ گدامن تي نه پيا رکن پر اهي واپاري ڀاڻ جا ٽرالر پنهنجي گهرن يا عزيزن مٽن مائٽن ۽ دوستن جي گهرن ۾ اسٽاڪ ڪري رکن پيا ۽ اتان ئي لڪ ڇپ ۾ ڀاڻ وڪرو ٿئي پيو. ڌاڙيل رات جو ڪلاشن ڪوف کڻي ڦريندا آھن پر هي ته سفيد پوش ڌاڙيل آھن جن آبادگارن کي بليڪ تي ڀاڻ ڏئي پريشان ڪري انهن کي ٽيڻي اگهه تي ڦريو آھي.

جڏھن ته ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت پاران ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي اختيار ڏنا ويا هئا ته اهي وڃي ڀاڻ جو بحران ختم ڪرائي ڇاپا هڻي آبادگارن کي ڀاڻ مهيا ڪن پر اهي پاڻ واپارين ۽ ڊيلرن آڏو بيوس نظر آيا جڏهن ته اهي ڪامورا هڪڙو ڇاپو ھڻي ميڊيا آڏو هڪڙو پريس بيان جاري ڪن پيا باقي ڀاڻ جو ريٽ ساڳيو بليڪ تي هلي پيو پر آبادگارن کي ڀاڻ ئي نه پيو ملي. بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪرائڻ لاءِ مختيارڪارن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي مقرر ڪيو ويو جڏھن ته اهي خود آفيسن ۾ تپيدارن جي مدد سان پئسن کان بنا فوتي کاتا تبديل ناهن ڪندا جيڪي زمين جي رجسٽري ڪرائڻ جا پئسه وٺن، جيڪي ڍل جي آڙ ۾ لکين رپين جي ڪرپشن ڪن ڇا اهي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ختم ڪرائيندا؟ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ جا ڪافي سبب ميڊيا تي رپورٽ به ٿيا آھن ڀاڻ جي شارٽيج ان ڪري به ٿي ته اينگرو ڀاڻ هتان کان افغانستان به اسمگل ٿيو پر اوڏانهن ڪنهن به حڪمران ڌيان نه ڏنو جڏھن ته اتي يوريا ڀاڻ جو في ٻوري 7 هزار کان 8 هزار رپين تائين وڪرو ٿئي پئي ۽ لکين ٻوريون ڀاڻ جون پنجاب به ويون جنهن ڪري سنڌ جي آبادگارن کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪجهه ڳالهيون اهي به هيون ڊيلرن ۽ واپارين ڄاڻي واڻي ڀاڻ اسٽاڪ ڪري ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو،

جڏھن ته ڪجهه ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ گئس جي بحران جي ڪري  هن سال گئس جي شارٽيج ٿي جنهن ڪري ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي پر ڪمپني جو باربار اهو بيان سامهون اچي پيو ته اسانجي ڪمپني طرفان ڀاڻ جي ڪا به کوٽ ناهي جڏھن ته روٽين مطابق روزانو 4 لک 70 هزار يوريا ڀاڻ جي ٻوري تيار ڪري سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي جيڪو ڊيلرن کي ڀاڻ ملي پيو. بحرحال هاڻي ته ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو پر اسان ڪيترن بحرانن سان منهن ڏينداسين اسان وٽ زرعي پاڻي جو بحران، بجلي جو بحران، پئٽرول جو بحران، کنڊ جو بحران، ڪڻڪ جو بحران، گئس جو بحران، تعليم جو بحران، اٽي جو بحران ۽ ھاڻي وري ڀاڻ جو بحران پيدا ڪري ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو آھي.  هونئن هر سال سنڌ سرڪار ڪڻڪ جو سرڪاري هدف پوري ناهي ڪري سگهندي ۽ هن سال ته ڀاڻ جي ڪري فصل هونئن ئي گهٽ ٿيو آھي ته خوراڪ کاتو ڪڻڪ جو هدف ڪٿان پورو ڪندو؟ جڏھن وري حڪومت جي ڳالهه ايندي ته حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ته پاڪستان پيپلزپارٽي وارا چوندا ته وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آھي ۽ وري پي ٽي آءِ وارا چوندا ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت آھي اهي چوڻ نٿا ڪن سو اهي حڪمران هڪ ٻئي تي  الزام لڳائڻ ۾ پورا آھن ۽ عملي ڪم ڪو به ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ انهي حڪمرانن جي گيم ۾ عوام جو نقصان ٿي رهيو آھي ۽ عوام ڏينهن غريب ٿيندو پيو وڃي ۽ مهانگائي جي دور ۾ گهر هلائڻ به مشڪل بنجي ويو آھي. سنڌ جو عوام فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ۽ اسان سدائين بحرانن جي ور چڙهيل آهيون ۽ اهڙا حڪمران 2023ع واري اليڪشن ۾ لڳا ته وري 2028ع تائين بحرانن جي ور چڙھي وينداسين .