کِکي هاڻيون کاريون“ اوبَرِ”

0
107
واعدا ۽ وفا..!

 هي اڪٿُ ڪهاڻي پيڙائن، تڪليفن، دردن ظلمن،بربريتن، اذيتن جي روحُ جي پاتارُ تائين پيهي وڃڻ جهڙو هڪ اهم داستان هڪ عظيم ڏُک جي پڪار جهڙو دستاويز “جوٺن” اوبَر! کي سنڌي ويس پارائڻ وارو اسان جو دوست شفيق ۽ مهربان گهڻ پاسائون مطالعو رکندڙ هالار لغاري آھي. سندس علمي ۽ فِڪري نگاھُه ۾ فلسفو تصوَف سائنس تاريخ ۽ مادي پرست عقليت پسندي ھجڻ سان گڏو گڏ هڪ صوفي صفت ڏيک ويک ۾ ساڌو سنت ۽ فقير ٿو لڳي.

                 هي ڪهاڻي اتر پرديش جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ برلا جي ۽ ڀارت جي مشهور اديب ۽ شاعر اوم پرڪاش والميڪي جي آھي.

                 ھي ڪهاڻي روءِ زمين تي انساني تاريخ جي ڊگھي ۽ تمام اذيت ڀرين پيڙائن جي عالم ۽ ڪيفيتن ۾ لکيل هڪ نسورو درد آھي.

                 هي ڪٿا پڙھندي سوچ ويچار ڪندي مون کي تمام گهڻي تڪليف ٿي، هڪ ته هي ڪٿا ۽ هن ڪٿا جي درد جي اهميت ۽ حقيقت کان مون سميت سنڌ جو اُهو ڏاهو، اھو علم ادب ۽ انسانيت وارو انسان حساسيت رکندڙ انسان ته ضرور سمجهي پرکي ۽ انهي درد مايوسي جي پيڙاءُ جو پتو لڳائي سگهي ٿو.

هي برلا جي بستي جي انهن بدبودار ۽ سوڙھين گھٽين جي مٽي گپَ چِڪ ڇيڻن ۽ گٽر ۾ روز اسڪول ويندڙ هڪ اهڙي ٻالڪ ۽ شاگرد جي ڪهاڻي آھي، جيڪو اڃان پنجن سالن جو مس هو ته هن کي سندسن ويجهو ڏسڻ ۾ ايندڙ ويندڙ ھر شيءَ بستي جي سماج جو سمورو لقاءُ برلا جي تياڳين جو چُھڙن سان رکندڙ ڪينو حسد انسان سان متڀيد رکندڙ جهڙي ڏُک تڪليف جي وهنوار جي هڪ ڀيانڪ شڪل ۽ صورت آھي! “جنهن ان معصوم ٻار کي پوڙھي ڄمار ۾ ڌڪي ڌوڏي ڇڏيو هو”! هي جڏھن اسڪول پهتو هو، تڏھن هن جي سامهون اُھي استاد هئا، جن کي اڃان علم ادب ۽ انساني اخلاقي قدرن جي گهڻي سکيا جي ضرورت هئي، اهڙي ضرورت اوم پرڪاش والميڪي به محسوس ڪري ورتي هئي.

هي جڏھن ڦاٽل ۽ ليڙون ليڙُون ٿيل ليڙِن سان ڪڇَ ۾ ڪتاب کڻي، اسڪول پهچندو هو ته هي اسڪول جي آخري سيٽن تي ويهاريو ويندو هو! اسڪول جي شروعاتي ڏينهنَ ۾ هن کان اسڪول جي صفائي جو ڪم وٺندا هئا. اهڙو عمل ڪري هن لاءِ ڄڻڪ هن جي روحُ کي ڪو مڇريل بگهڙ ماس پٽيندو هجي اهڙي وهنوار جا هيبتناڪ مظھرَ ھن کي گويا سُتي جي ٻئي ڏينهن ملي ويا هئا.

هي اسڪول ويندو هو ته هن کي ٻين سمورن ڀئو ۽ خوف سان گڏ اها تڪليف پئي ستائيندي هئي ته “ڪڏھن گهر وڃان ۽ پاڻي ڍڪُ پيئان”ڇاڪاڻ جو اسڪول جي نلڪي ۽ گنُدي جو پاڻي هي پيئي ته اُھو پليدُ ۽ نجَسُ پئي ٿيو! هي ڪڏھن لِڪي ڇپِي پنهنجي دوست سُکبير جي سهڪار سان ٻُڪ ۾ پاڻي جا ڪي ڦڙا پي وٺندو هو، پاڻي پيئڻ بعد هن کي اسڪول جي موڪل ٿيڻ تائين، هي ننڍڙي پيٽ ۾ اهو عمل زهر جي پيئڻ بعد پگهلڻ جهڙي پيڙاءُ ۽ وٽَ پئي ڏياريندو هو ته “متان اسڪول جي ماستر کي اهِا خبر پئي ۽ ھُو منهنجي معصوم  جسم کي لٺن مڪن ۽ لتن سان ڊاهي نه ڇڏي!”.

هن لاءِ اسڪول پڙھڻ اندر جي آج جڳاد جو سمورو لقاءُ وجود ۽ روحُ جي اذيتن جهڙو ڏيکُ هو. “هن جو پڙھڻ ان لاءِ ضروري هو ته هن پنهنجي جاتي پئي سڌارڻ چاهي” هن جو والد هميشه چوندو هو ته “علم سان جاتي ترقي ۽ سڌاري جي دڳ تي رقص ڪندي آھي”، پر هن جي ۽ ان وقت جي سماجي حالتن جو غليظ وهنوار اهڙو هو جو هي، ان اهڙي ڪرب ڪن صورتحال ۽ ڳالهائڻ ۾ ڀڙَ ضرور هو، پر هي پنهنجي والد جي زبان مان نڪتل ڳالھه کي پنهنجي نقط نگاھه سان ردِ نه ڪندو هو! هو آجيان ڪندو هو. هُو ان وقت پنهنجي والد کي بنا جواب ڏيڻ جي اندر ئي اندر ۾ چوندو هو ته “ جاتي جنم سان سڌري ٿي”!.

هي جڏھن پنجين ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ پاڙي ۾ اها ڳالھه هر ڪنهن تياڳي جي زبان جو مذاق بنجي وئي ته “چُھڙا نڪتا آھن، علم پرائڻ! ڪيترو به پڙھو رهندا ته چُھڙا ئي نه”! اهي لفظ نه صرف هڪ اهڙي ٻار لاءِ ويڳاڻپ ۽ نِراس جو چٽو ۽ شفاف ثبوت هئا! پر هي اُھو سڀ ٻڌندي به پنهنجي گس ۾ ايندڙ ڪينئن، نانگن ۽ اهڙي گند ۽ غلاظت مان به هُو اتساھه وٺندو هو! ڇاڪاڻ جو هن کي پنهنجو مستقبل منفرد بڻائڻو هو. هڪ ڏينهن هي اسڪول لاءِ نڪتو ويندي ويندي رستي ۾ هڪ تياڳي هن جي رستا روڪ ڪئي ۽ هن کي چيو ته “مون ٻڌو آھي ته تون اسڪول ۾  پڙھندو آھين؟” هن جو سڄو سرير تيز بخار جيئن ھُڙڪڻ لڳو! “جي ها آئون اسڪول پڙھندو آھيان”. هُن يڪدم هِن جي ڪتابن ۾ هٿ وڌا ۽ ڪتاب ڀرپاسي جي گٽر جي پاڻي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيا! هن جا نيڻ ڀنل لڳا هن جون اکيون سمنڊ سمان پاڻي کي روڪي نه سگهيون! هن هڪ ڪرب ڪن ڪيفيت ۾ پسيل ڪتاب ميڙيا هئا، ڪيتري نه بي رحم ۽ دل دماغ جي شرياين کي تيز ڪندڙ ڳالھه آھي. هي صبر ۽ تحمل ۾ بردبار شفيق قسم جو انسان هو.

اٺين ڪلاس ۾ پهتو، سندس والد خوشين ۾ ٻھڪڻ لڳو. هن جي والده به خوش ٿيڻ لڳي. هڪ ڏينهن دسيڙي تي هن کي موڪل هئي، هن جو والد جانور پالڻ ۽ ذبح ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو. دسيڙي تي رش گھڻي ٿيندي هئي.هن جي والد هن کي چيو ته هي جانور جو ٻچو کڻي وڃ جتي هي گِراهڪُ ۽ خريدار چئي ان جاءِ تي هن جانور کي ذبح ڪري پوءِ واپس گهر اچجان! هي انهي واقعي بابت لکي ٿو ته “ان کي کڻي جڏھن مان ويس پئي ته رستي ۾ ان جون چون چون جهڙا ڀيڪوڙيل آواز منهنجي وجود جي روحُ کي ڏنگ ڏئي رهيا هئا”! مون کان اهو ڪم نه پڄي سگهيو گهر واپس اچي بابا جا دڙڪا برداشت ڪيا هئا. انهي عمل کي هن پنهنجي زندگيءَ جو عظيم ۽ وڏو ڏوھه سمجهيو. هن مڊل پاس ڪيو. مڊل ۾ اچڻ بعد هن کي ڪتابن سان گهرو لڳاءُ ٿي چڪو هو. هن وٽ پئسا ته هجن ئي نه جو هي ڪتاب خريد ڪري سگهي! اهڙو ڏُک ڏکندي هن لکيو آھي ته “اڻ پڙھيا ادب پڙھن ڪونه جيڪي ادب پڙھڻ چاهين ٿا، انهن وٽ ڪتاب خريد ڪرڻ جيترا پئسا ناهن!” مڊل ۾ اچڻ تي هن جي گهر ۾ ويتر خوشيون رقص ڪرڻ لڳيون. ان ڏينهن هن جي والد بستي ۾ ڳڙُ ورهايو هو. هي بعد ۾ شهر ويو پنهنجي ماما جي گهر رهڻ لڳو. اتي هن ڪهاڻيون ۽ شاعري لکي. انهي وقت انهن ادارن ۾ هن جون ڪهاڻيون شايع نه ڪندا هئا. هن ڏُکارو ٿي لکيو آھي “ ادب ۾ به هڪ اسٽيبلشمينٽ آھي! جيڪا نسرندڙ ڪلين کي چيڀاٽيو ڇڏي”.

 انکانپوءِ هي ڪمپني ۾ شامل ٿيو. اهو دور هن لاءِ معاشي طور تي سٺو هو پر هن کي جاتيواد جو وهنوار هر هنڌ هن کي ڏنگيندو رهيو! انهي دور ۾ هن تي سويتا نالي ڇوڪريءَ عاشق ٿي! هن لکيو آھي ته “جاتيواد سماج ۾ هڪ انسان جو رهڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونهي”. ان ڇوڪريءَ جي هن سان بيپناھه محبت ٿي چڪي هئي “جڏھن سويتا کي هن خاص طور تي هڪ مندر جي ٻاهران گهرائي اها حقيقت ٻڌائي ته آئون ڀنگي آھيان” انهي  ڇوڪري جي چهري جي تاثرن تي اداسي ۽ نفرت جا تاثر چٽا ۽ گھرا ٿي چڪا هئا! هُو هن کي باربار اها التجا ڪري رهي هئي ته “تون چئو ته مذاق ڪريان پيو” هن چيو اها ئي حقيقت آھي.

ان بعد اُھا ڇوڪريءَ هن سان ڪڏھن به ٻيهر نه ملي هئي. هن جي شاعري ۽ ڪهاڻين ۾ به انهي غليظ وهنوار جا چٽا عڪس پسي سگهجن ٿا ۽ موجود آھن. هن جو ادب انهن ماڻھن خلاف هڪ زبردست احتجاج آھي. هن چيو ته منهنجي زندگي هڪ عظيم آزمائش جو نانُ آھي. هي اُھو ماڻھو آھي، جنهن جي ڏينهن رات جي جدوجهد سندس ماءُ جي مرتئي تي ڪلهو نه ڏئي نه سگهيو! هي اڃان انهي پيڙاءُ مان آزاد نه ٿيو هو جو هن جو والد بيمار ٿي پيو هو، هن کي خط ذريعي معلوم ٿيو ته چندا پنهنجي زال  سان گڏجي هي پنهنجي ڳوٺ پهتو هو. هفتو اتي ئي پنهنجي والد وٽ ترسيو هو. عجيب اتفاق آهي جنهن ڏينهن هي ڳوٺ کان شهر پهتو انهي رات هن جي والد هن سنسار کان الوداع ڪئي! گهڻو ڏُک اهو جو اهڙو اطلاع هن کي ٻه مهينا بعد مليو…!

هن آتم ڪهاڻي ۾ کوڙ اهڙا واقعا آھن، جيڪ والميڪي انتهائي سنجيدگي سان لکيا آھن. جن کي پڙھندي اندر اڌ اڌ ٿي جهُري پئي ٿو! هن آتم ڪٿا جو مُهاڳ هڪ گهڻ پڙھي انسان سائين هرجي مل لکيو آھي. هي مُهاڳ عالماڻي اک ۽ دماغ جي فِڪري ۽ تاريخ جي تفڪر سان ڀرپور لکيل آھي. هرجي مل اتنهائي باريڪ بيني سان رامائڻ گيتا ۽ ٻين مختلف ڪتان جي حوالن سان گڏ هڪ شاندار مُھاڳ لکيو آھي.

هن آتم ڪٿا جو مترجم پيارَو هالار لغاري آھي. هي آتم ڪٿا هالار لغاري سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻيهر ڳوهي تخليقي طور وڌيڪ حسين ڪري ٻوليءَ جي حسناڪين سان ڀرپور ڪري لکي آهي .هالار جي ٻوليءَ تمام خوبصورت ۽ حسين آھي.ڄڻ ته ھي ٻولي جو ڪو ويجهار هجي. ان سان گڏ جامي چانڊيو ۽ حفيظ ڪنڀر جا ٻه اکر به شامل آھن.