پڄي پاڻ کان ڪونه، ڦٺ لعنت گوڏن تي

0
138
پڄي پاڻ کان ڪونه، ڦٺ لعنت گوڏن تي

  فوج جي ٽريننگ ۽ تجربن جي ڪري ھي آفيسر اھڙي مصيبت مان پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر اسان فوج ۾ ھوندي غلط فيصلن جي ڪري ڪجھه ماڻھن کي پنھنجي زندگي ختم ڪري ڇڏڻ واري غلطي ڪندي به ڏٺو. ڪشمير ۾ ھڪ ھلندڙ مڊ سلائيڊ کي ھوڙيائي ۽ تڙتڪڙ ۾ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھڪ ڪرنل صاحب سلائيڊ جي ھيٺان دٻجي مري ويو جنھن جو لاش به ڪونه ملي سگھيو ۽ ان سان ئي گڏ ھڪ ميجر پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جو ھن ڪرنل صاحب کي چيو ته مان نه ھلندس سر سلائيڊ ھلندڙ آھي جلد بازي نه ڪيو. اھو ميجر ڪشمير جو رھڻ وارو ھو ۽ ڪرنل صاحب پنجاب جو. ھڪ نرسنگ سپاھي ڪنھن فوجين جي جٿي سان ھڪ پوسٽ تي وڃي رھيو ھو ته برف جي ھڪ سلائيڊ جي اوچتو ئي مٿان اچڻ جي ڪري ھي ٽولو برف ۾ ڦاسي پيو.

ٻين فوجين ڪوشش نه ڪئي پر نرسنگ سپاھي ھمت نه ھاري ۽ برف  کي کوٽي ٻاھر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو سخت سردي مان پوري رات برف تي تيز ھلي ۽  ڊڪي ڊوڙي پاڻ کي گرم رکي بچايو. صبح ٿيڻ تي مٿي جبل جي چوٽيءَ تي ٻين فوجين کي ڏسي ھن اشارا ڪيا ته اھي ھن ڏي ناشتو کڻي اچي ويا ۽ دٻيل فوجين جي لاشن کي به ڪڍيو. سي ايم ايڇ ڪوئيٽا ۾ ھڪ ميجر  صاحب کي بيھوشي  جي ڪري کڻي آيا جيڪو ڪمري ۾ سخت سردي جي ڪري ھيٽر ھلائي ستو ھو پر ھن جي خوش قسمتي جو  ھڪ بھترين ميڊيڪل اسپيشلسٽ جي ھوندي ھن جو علاج ممڪن ھو ۽ ھي ان حالت مان زنده سلامت بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مري واري معاملي ۾ به ڪجھه انتظاميه جي غلطين جي ڪري اھو مسئلو پيدا ٿيو ھوندو پر سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي تي اعلانن، پراڻن تجربن مان ماڻھن به ڪو سبق حاصل نه ڪيو.

سو ھن دفعي به تنبيهه ۽ پوليس جي جھلڻ جي باوجود جي ڪو نه مڙندو ته ھر ھنگامي صورت حال کي  منھن ڏيڻ لاءِ نه ماڻھن جي ٽريننگ ۽ نه ادارن جي اھليت جي سبب اھڙن حادثن جو شڪار ٿيڻ جو امڪان ته موجود ھو. جن ڪارن ۾ ھيٽر ھلائي شيشا مڪمل بند ڪيا، اھو به نه سوچيو ته برف جي ڪري سائيلنسر مان دونھون ڪيئن خارج ٿيندو؟ يا شيشا ٿورڙا کولي رکن ھا. جڏھن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ يا مونو آڪسائيڊ، آڪسيجن جي جاءِ والاري ساهه کڻڻ جي ڪري اندر ويندي رھندي آھي ته آھستي آھستي غنودگي ايئن طاري ٿيندي آهي جو ماڻھو سمجھندو آھي ته کيس ننڊ اچي رھي آھي. اسان احتياط ۽ سفر دوران ضروري سامان ساڻ ھجڻ ڪري  ئي سوات مان خير خوبيءَ سان واپس اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا سين. ھر ڳالھه جي ذميواري حڪومت تي رکي تنقيد ڪرڻ سان اھڙن واقعن جي بار بار رونما ٿيڻ ۾ عوام جي به وڏي ذميواري آھي.

توھان ڏسو ڪڏھن ڪنھن ٽريفڪ واري ڪنھن کي روڪيو ته ان سان بد ڪلامي، جھيڙو جھڳڙو ۽ تازو ئي لاھور ۾ ڪار کي روڪڻ جي بدران شيشو ھيٺ ڪري فائر ڪري ڀڄڻ جو صرف هڪ ۽ پھريون مثال ته نه آھي. جھيڙو ته تڏهن جائز آهي جڏهن انھن ٽريفڪ وارن ڪا غير قانوني يا ناجائز حرڪت جو مظاهرو ڪيو ھجي. مان ھي ڳالھيون ان ڪري لکي موڪلي رھيو آھيان جو مون سان به انھن ٽريفڪ وارن جا مسئلا پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ مان انھن تي لکي موڪليندو به رهيو آھيان. جن ۾ منھنجي ٻارن جو چالان ٿيڻ ۽ پيسا ڀرڻ به شامل ھو. ھڪ دفعي مون ٽرالن جي قطار کي سپر ھاءِ وي تي کاٻي پاسي کان ڪراس ڪيو ته موٽر وي پوليس جي ھڪ آفيسر روڪي مون کان لائسنس گھريو مون کيس چيو يار مان لائسنس جلد بازي ۾ گھر وساري آيو آھيان. پر جي ساڻ به ھجي ھا ته تڏھن به توھان چالان ڪري ڇڏيو ھا جو لائسنس جو مدو مھينو پھريان ئي ختم ٿي ويو آهي.

ان تي ان آفيسر مون کان پڇيو توھان ڇا ڪندا آهيو مون چيو يار مان آھيان ته ڊاڪٽر پر اڄڪلهه علاج جي بدران گھر جي ڪمن ڪارين سان گڏ ھڪ سچ ڳالھائڻ واري ڪلينڪ به ھلائي رھيو آھيان. جنھن تي ان چيو مان توھان جو چالان ان ڪري نه ٿو ڪاٽيان جو توھان ڊاڪٽر صاحب آھيو، پر توھان جي لائسنس متعلق سچ ٻڌائڻ جي سبب چالان نه ٿو ڪاٽيان ۽ ڪوشش ڪري لائسنس به جلدي ٺھرائجو ۽ سفر جي دوران غلط طرف کان ڪراسنگ کان به پرھيز جو وعدو ڪيو. آخر ۾ مون ان جو شڪريو ادا ڪندي کيس جڏھن  ٻڌايو ته مان توھان جي مشوري تي ان ڪري به عمل ڪندس ڇو ته مان ھڪ عدد ريٽائرڊ آرمي آفيسر به آھيان. ان تي مسڪرائيندي ھن مون کي سيلوٽ به ڪيو. اصل ۾ ڳالھه آھي غلطي تسليم ڪرڻ، ذميواري کي نڀائڻ، قانون جو احترام، سچ ڳالھائڻ  جي ان کان پوءِ به ڪو حادثو ٿئي ته پوءِ اسان توهان جي قسمت.