اچو، شهيد هيمون ڪالاڻي کي ياد ڪيون

0
163
ڄاڻ جي حق جي طاقت

     21 جنوري سنڌ جي عظيم سپوت ۽ آزادي جي تحريڪ جي هيرو شهيد هيمون ڪالاڻي جي شهادت جو ڏينهن آهي .افسوس جي ڳالهه آهي ته  سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ 21 جنوري جو ڏينهن خاموشي سان گذري ويو .هيمون ڪالاڻي کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪا تقريب ۽ سرگرمي نه ٿي. انهي جي ابتڙ ڀارت ۾ هر سال وانگر هن سال به هيمون ڪالاڻي جي شهادت جو ڏينهن انتهائي جوش خروش سان ملهايو ويو.نه رڳو ڀارت جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿيون پر ڀارتي حڪومت به شهيد هيمون ڪالاڻي يادگيري ٽڪيٽ جاري ڪئي. نئين دهلي ۾ پارليامينٽ جي ٻاهران شهيد هيمون ڪالاڻي جو مسجموبه لڳايو ويو.هونئن به ڀارت جي ڪيترن ئي شهرن ۾ شهيد هيمون ڪالاڻي جا مجسما لڳل آهن.بي شمار روڊن،گلين ،چوواٽن ۽ عمارتن کي هيمون ڪالاڻي جي نالي سان منصوب ڪيو ويو آهي.شهيد جي نالي سان ڪيتريون ئي تنظيمون به ڪم ڪري رهيون آهن.ڀارت جي عوام ۽ رياستي ادارن جنهن نموني سنڌ جي هن عظيم پٽ کي پنهنجو ڪيو آهي يا انهي تي پنهنجو حق جتايو آهي،ايئن اسان نه ڪري سگهيا آهيون.

سکر ۾ هڪ پارڪ انهي جي نالي سان منصوب هو انهي جو نالو به تبديل ڪري “قاسم پارڪ ” رکيو ويو آهي.هيمون ڪالاڻي پارڪ کي قاسم پارڪ ٺاهڻ ۾ ئي سڄي ڪهاڻي موجود آهي.جنهن کي بيان ڪندي به شرم ٿو اچي.انهي ڪهاڻي ۾ ئي اهي سڀ سبب موجود آهن جن جي بنياد تي اسان پنهنجي اصل هيروز کي ياد نه ٿا ڪيون.يا ايئن چئجي ته اسان پنهنجي قومي عظمت ۽ وقار کي وساري ٿا ويهون.

هيمون ڪالاڻي شهيد سنڌ جو پٽ هو. هو 23 مارچ 1923ع ۾ سکر ۾ پيدا ٿيو.23 مارچ هيمون ڪالاڻي جي پيدائش جو ڏينهن جڏهن ته وادي سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم حريت پسند اڳواڻ شهيد ڀڳت سنگهه جي شهادت جو ڏينهن آهي. هيمون ڪالاڻي وانگر ڀڳت سنگهه جو جنم ڏينهن ۽ شهادت جو ڏينهن به ڀارت ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. انهن ٻنهي هيروز  کي ڀارت جي تعليمي ادارن  جي نصاب ۾ پڙهايو ويندو آهي.شهيد هيمون ڪالاڻي برطانوي راڄ کان پنهنجي وطن کي آزادي ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي.21 جنوري 1943ع تي هن کي سکر جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.انهي وقت هن جي عمر 20 سال به نه هئي.ڦاسي کان پهرين برطانوي نوآبادياتي حڪمرانن سنڌ سميت سڄي هندستان ۾ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا هئا،ڇو ته کين خدشو هو ته ڀڳت سنگهه وانگر هيمون ڪالاڻي جي ڦاسي تي به سخت ردعمل اچي سگهي ٿو.

سکر جي پيسو مل ۽ ڄيٺي بائي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هيمون ڪالاڻي ننڍپڻ ۾ ئي آزادي جي تحريڪ جو اهم ڪارڪن ٿي ويو هو.ننڍي عمر ۾ ئي هيمون ڪالاڻي پنهنجي دوستن سان گڏجي غير ملڪي شين جي بائيڪاٽ جي مهم ۾ حصو ورتو هو۽ ماڻهن کي قائل ڪيو ته اهي ديسي شيون خريد ڪن. پوءِ هن برطانوي راڄ خلاف مظاهرن ۽ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هيمون ڪالاڻي 1942ع ۾ مهاتما گانڌي جي “انڊيا ڇڏيو” تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي.هن تحريڪ جو سنڌ ۾ ايترو ته گهڻو اثر هو جو برطانوي راڄ هتي معاملن کي قابو ڪرڻ لاءِ يورپي بٽالين جا خاص جٿا مقرر ڪيا. هيمون ڪالاڻي کي جڏهن خبر پئي ته اهي جٿا ۽ هٿيار کڻي ٽرين 23 آڪٽوبر تي سکر مان گذرندي ته هن دوستن سان گڏجي ريل جي پٽڙي اکيڙڻ جي منصوبابندي ڪئي.هنن وٽ ڪي به اوزار نه هئا.هنن هڪ رسي سان ئي پٽڙي اکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي.برطانوي فوجين کين ڏسي ورتو.هيمون ڪالاڻي موقعي تي ئي گرفتار ٿي ويو.هن تي جيل ۾ تمام گهڻو تشدد ٿيو.هن تي ڪيس هليو۽ هن کي موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو.سنڌ جي ماڻهن هيمون ڪالاڻي لاءِ وائسراءِ کي رحم جي اپيل ڪئي انهي اپيل تي وائسراءِ پاران اهو  پيغام موڪليو ويو ته جيڪڏهن هيمون ڪالاڻي پنهنجي ٻين ساٿين جا نالا ٻڌائي ته کيس آزاد ڪيو ويندو پر هيمون پنهنجي ساٿين جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

آخرڪار 21 جنوري 1943ع تي هيمون ڪالاڻي کي تخته دار نصيب ٿيو.انهي ڏينهن سڄي سکر ۾ ڏک ۽ سوڳ جي ڪيفيت هئي پر پاڻ هيمون تخته دار ڏانهن ويندي ڏاڍو خوش هو.هو ڀڳوت گيتا هٿ ۾ کڻي،مسڪرائيندي ۽ آزادي جا نعرا هڻندي پاڻ تخته دار تي چڙهيو ۽ سدائين لاءِ امر ٿي ويو.وطن جي آزادي لاءِ شعوري طور تي پنهنجي زندگي قربان ڪندڙ هن خوبصورت نوجوان هيمون ڪالاڻي شهيد جو اسان تي فرض آهي ته جڏهن به اسان پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ پنهنجي مٽي جي خوشبو کي محسوس ڪيون ته اسان هيمون ڪالاڻي کي ياد ڪيون.پنهنجي ايندڙ نسلن کي پنهنجي هن عظيم هيرو جي باري ۾ ٻڌايون ته هن جي سبب ئي اسان هڪ عظيم قوم آهيون ۽ اسان جي مٽي غلامي کي قبول نه ٿي ڪري.اهو اسان تڏهن ئي ڪري سگهون ٿا جڏهن اسان انهي ذهنيت مان نڪرنداسين جيڪا هيمون ڪالاڻي پارڪ جو نالو تبديل ڪري قاسم پارڪ رکي ڇڏيندي آهي. اسان کي قاسم پارڪ جو نالو رکڻ تي ڪو اعتراض ناهي ڪنهن ٻئي پارڪ جو نالو قاسم پارڪ رکي سگهجي پيو،هيمون ڪالاڻي پارڪ جو نالو رهڻ ڏنو وڃي ها. سنڌ تي حملو ڪري انهي کي عربن جي قبضي ۾ ڏيڻ وارو ابن قاسم ڪجهه ماڻهن جو هيرو ٿي سگهي ٿو پر سنڌ ۽ هند جي آزادي لاءِ جان قربان ڪرڻ واري هيمون ڪالاڻي جي عظمت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.شهيد هيمون ڪالاڻي کي سلام.