رتوديرو ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري يتيم نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو

0
22

رتوديرو ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري يتيم نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو

رتوديرو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري يتيم نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

 13 سالن جي مقتول نينگر روشن اوڍاڻو جي امڙ مينا خاتون چيو ته مان تعلقي اسپتال رتوديرو جي نيوٽريشن وارڊ ۾ ڊيوٽي ڪندي آهيان،

مقتول جي امڙ ٻڌايو ته ڊيوٽي تي هيس ته پٽ جي قتل جو اطلاع مليو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، منهنجي پٽ کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي

هن چيو ته منهنجو مڙس مري چڪو آهي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي