خليفي نبي بخش ‘قاسم’ جي ياد ۾ … اَکين کي سَمجهاءِ، ته پِرين پَسن پاڻ ۾

0
37
خليفي نبي بخش ‘قاسم’ جي ياد ۾ ... اَکين کي سَمجهاءِ، ته پِرين پَسن پاڻ ۾

ڀنڀور، ديول بندر، سير ڳنڍو، برهمڻ آباد ۽ نيرون ڪوٽ جھڙيون بندرگاھون ۽ شھر رکندڙ لاڙ پٽ وڏي عرصي تائين ھڪ زبردست متنوع ۽ گونان گون خطو رھندو آيو آهي. سامونڊي توڙي سُڪي رستي دنيا جي ٻين خطن، زميني رستن ۽ بندرگاھن  وسيلي گڏيل ھندوستان ۾ ممبئي، ملبار ۽ سورت جي بندرگاھن تائين ۽ ھوڏانھن حجاز، مصر، سوڊان، ايراني نار، عراق، يمن  ۽ ٻين ملڪن تائين وڏي پيماني تي وڻج واپار جاري هو. ھڪڙا قافلا افغانستان رستي وڄ ايشيائي رياستن تائين ڪاروباري ڏيتي ليتي ڪندا ھئا. انھن ڏورانهن ملڪن  سان واپار ۽ لوڪ جي اچ وڃ ڪري لاڙ پٽ جا ماڻهو ڪيترن ئي ڌارين ثقافتن، ٻولين ۽ ريتن رسمن کان واقف ٿي ويا ھئا. ڌارين حڪمرانن جي دور ۾ وري انھن جي ٻولي ۽ ثقافتن جو اثر رھيو. ان پس منظر ۾ لاڙ پٽ خيال ۽ خواب جي حوالي سان به ھڪ شاھوڪار پرڳڻو ھو، جيڪو  ثقافتي ۽ لساني گونان گونيت ۽ رنگارنگيءَ جي ڪري علم ادب ۾ به آسمان جي وسعتن  کي ڇُھندڙ ھو. گڏيل ھندوستان جي ورھاڱي کان پوءِ لاڙ پٽ جاگرافي جي ڪري ڀارت سان سامونڊي ۽ زميني سرحدون ملڻ ڪري رياست جي ترجيحات مان نڪرندي نڪرندي  سيڪيورٽي رسڪ جي نام نھاد الزامن/تمغن ڪري سنڌ جو اھو تر/پٽ power gravity کان ٻاھر ٿيندو ويو جو اڄ تائين قدرتي وسيلن ۽ جاگرافيائي اھميت باوجود به اھو تر سياسي ترجيحات سان  گڏوگڏ ھر سماجي ثقافتي ۽ معاشي پئڪيج کان ٻاھر ٿيندو ويو. نتيجي ۾ ماڻھو ڪنھن جي به ايجنڊا نه بڻجندي نڌڻڪا ٿيندا ويا.

انھيءَ لاڙ پٽ سنڌ کي وڏا وڏا تخليقڪار، شاعر به عطا ڪيا، جن ۾ ڪلاسيڪل شاعري ۾ شاھ ڪريم بلڙي وارو، شاھ شريف ڀاڏائي ، وچئين دور ۾ حاجي احمد ملاح، علاما علي مھيري، جديد شاعري جي دور ۾ سرويچ سجاولي، غلام حسين رنگريز، مريم مجيدي، ابراھيم منشي، حافظ نظاماڻي، ۽ ان کان پوءِ واري نسل ۾ آڪاش انصاري، مقبول، فراق، منور ھاليپوٽا، وغيره شامل آھن. خليفو نبي بخش ‘قاسم’ ان  انڊلٺ جو ھڪڙو گھرو ۽ مستقل رنگ آھي.لاڙ پٽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جي سنهري دور کان خليفو نبي بخش جي دور ۽ ھاڻ جديد دور تائين شاعري جو شاندار ميدان رھيو آھي، جتي مزاحمت جو رومانس به آهي ته بغاوت جو خيال به آھي.

جنهن ۾ بوءِ بادام جي، اوڳر عطر واس،

رات وياڙي ولڙيون، پُر ڪيائين پاس،

اُڀو ڪري آڪاس، اڄ پڻ اُنهين پار ڏي.

(خليفو نبي بخش ‘قاسم’)

ڪجھ ڏينھن اڳ واٽس ايپ رستي ھڪ دعوت ملي ته سنڌ جي هڪ وڏي شاعر ۽ سنڌ جي سڀني ادارن کان وسري ويل خليفي نبي بخش ‘قاسم’ جي ياد ۾ 24 مئي 2024ع جمعي جي ڏينهن جي شام، ڪراچي آرٽ ڪائونسل ۾ ھڪ  ڪانفرنس ٿي رھي آھي، ان ۾ شريڪ ٿيو. نياپو ۽ وري فيس بڪ تي تفصيل پڙھي خوشي ٿي ته خليفي صاحب تي شاعر، تر جا ماڻھو، سماجي محقق گفتگو ڪندا ۽ ٻي سيشن ۾ خليفي صاحب جي شاعري تي راڳ جي محفل ٿيندي.اھو پڙھي به خوشي ٿي ته شرڪت جي دعوت سان گڏ، ڪانفرنس جي حوالي سان رايا يا تجويزون طلب ڪري ۽ گڏوگڏ خليفي بابت ڪو ان ڇپيل مواد ۽ نئين لکڻين بابت دعوت ڏئي سرگرمي کي عوامي مالڪي ڏني وئي. نتيجي ۾ پروگرام جي تياري ۽ ٻين سرگرمين جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي جيڪي مواد شئير ٿيو، اھو نه رڳو اتساھيندڙ آھي پر خليفي صاحب تي مستقبل ۾ ڪنھن به قسم جي تحقيقي ڪم لاءِ رهنمائي ڪندڙ فيڊ بئڪ آھي.

گُجر سَندي گام ۾، نِت گهڙجي نينهن،

آتڻ مٿان عشق جي، موگُهون لايون مينهن،

‘قاسم’ راتو ڏينهن، سڀڪو ڀيڙو سڄڻين.

(خليفو نبي بخش لغاري)

پاڻ سڀ سنڌ جي مختلف حصن ۾ گھمندا ڦرندا رھون ٿا، خوشي غمي، مرڻي پرڻي توڙي ٻين سماجي ۽ مائيٽاڻي سڏ ۽ ڪاڄ ۾ اچو وڃون ٿا. مون ڏٺو آھي ته لاڙ پٽ جي ڪيترين ئي شادين توڙي ٻين ڪاڄن جا جنھن مھل ڪارڊ/ ڇپيل دعوتون ملنديون آھن ته ان تي خليفي جو شعر لکيل ھوندو آھي. جنھن جو مطلب ٿيو ته خليفو جتي پنھنجي خيال ۾ تمام مٿي جو شاعر آھي، اتي ھو عوامي مڃتا ۾ بنھ ھيٺين سطح تائين لوڪ کي ياد آھي.

اکين ڪيئڙي عيد، اجھي سڄڻ آئيا،

ويچارين وصل جي، رسي رمز رسيد،

مونکي ملھ خريد، قاسم ڪيو سڄڻين.

ساڳين دوستن وري لکيو ته سڀ کان وڌيڪ نياپا ۽ ڪالز سنڌ جي نوجوانن جا آيا آهن، جيڪي خليفي تي پيپر پڙهڻ ۽ ڳالھائڻ ٿا چاهين، ڇاڪاڻ ته خليفو نبي بخش ‘قاسم’ به لطيف ۽ سچل وانگي سنڌ جي نوجوانن جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو.

ابر منجهه آثار، اڄ پسجي مينهن جو،

سج پِڙي، ڪس ڪڪرين، چووايو چوڌار،

سنجهي لهندو سار، اچي اڃاين جي.

(خليفو نبي بخش ‘قاسم’)

اسان کي پڙھڻ گھرجن پنھنجا ھيروز. خليفي جو وڏو پورھيو سنڌ جو ڪيڏارو لکڻ ھو. ان ڪري خليفي تي لکيل ادب به گھڻو ڪري سندس ڪيڏاري جي گرد ڦري ٿو. ڪيڏاري کان علاوه به سندس تخليقي ڪم تي تحقيق جي ضرورت آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس ڪلام توري تڪي ڇپرايو. لاڙ پٽ ۾ اھو به ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ته ڪن خاندانن وٽ سندس اڻ ڇپيل ڪلام به ھوندو ھو. ان ڳالھ کي به ورھيه ٿي ويا.

الائي اھي مسودا ڪيڏانھن ويا ھوندا.

مينهن ڀڄايس مانگڙي، نيڻ ٽمايس نينھن،

ڪانڌ نپوڙيس ڪپڙا، حاضر ويھي ھيئن،

قاسم مند ملھار جي، ھاڻ نه گھرجي ھينئن.

(خليفو نبي بخش ‘قاسم’)

گولاڙچي. پنڱريو، ويندي نئين ڪوٽ، جھڏي ۽ ميرواھ گورچاڻي ۽ ٻين علائقن ۾ سندس ڪلام جا ابتدائي نسخا ماڻھن وٽ آهن. خليفي نبي بخش جي رسالي جو پھريون ڇاپو به آرڪائيوز طور ماڻھن وٽ سنڀاليل آھي. مقامي ماڻھن، سگھڙن، مولودين کي خليفي جا تمام گھڻا بيت ۽ سندن قصا ڪھاڻيون ياد ھوندا ھئا. ھاڻ نئين نسل وٽ ادب ۽ ٻولي جي ڪمزوري ۽ ڪاپي ڪلچر جي ڪري ٻار انھن ھيروز بابت نه مائرن کان لولين ۾ ڪجھ ٻڌن ٿا. نه وري ڳوٺن ۾ اھي اوطاقون، ڪڇھريون ۽ مجلسون رھيون، جتي اسان جا پوڙھا بيت پڙھندا ھئا ۽ نسلن ۾ ياد حافظ پيدا ٿيندا ھئا.

شجاع مَ ويھ سنڌ، اوڏا اڏي نجهرا،

هت راوت رند، وتن ڪلي ڪوڏيا.

(خليفو نبي بخش ‘قاسم’)

خليفي جا ڪيترائي بيت مقامي ماڻھو ۽  فقير تفسير سان پيش پيا ڪندا ھئا. ھاڻ اھو رواج گھٽجي رھيو آھي. سندس  سئسي سر جا بيت ٻڌو. سرور اچي ويندو.

يا سر ڪاموڏ ۾ چوي ٿو :

تڙ تماچي آئيو، ڪِنَ رنگيليون راند،

پکَيِ پيهي آئيو، ڪينجھر ڌڻي ڪانڌ،

چُني چارئي پاند، ويچاريءَ وڇائيا .

*****

لوڙھي لَکُ وِڪاءِ، ڪُمۡ ڪروڙيان آڳرو،

پَٻُڻَ پدمنئون پري، قيمت بِھَ نه ڪاءِ،

گيربُ ڪري نه گندري، کاڄُ کاريبو کاءِ،

جنھن سان رِيڌو را، سا سَڃيائي سوکڙي .

سُر راڻي ۾ لکي ٿو:

مومل، سومل، سھجان، مُرادي، مُختيار،

گُل ڦُل کُليا، ڪيِتڪي، چمن ۾ چوڌار،

اُڙدابيگيون آئيون، چڙھي تند توار،

ڪجي ڪان ڪُوار، قاسم تنھن ڪُماچ جي.

سُر کاھوڙي ۾ چوي ٿو:

ڏوٿين ڏِٺو ڏُٿ، من مُرادون پُنيون،

ڪالھ ٻُھاري ٻُٿَ، ڪڻ ڪڍيائون اُن مان.

خليفي صاحب تي جيڪي ڪجھ لکيو ويو آھي، ان تحقيقي تخليقي ادب ۾ ڊاڪٽر قادر بخش مگسي جي تحقيق ھڪ بھترين دستاويز آھي. جنھن جي پڙھڻ سان خليفي صاحب جي تنقيدي خيال، تخليقي تصورن، تخلياتي قدرن بابت ڄاڻ ملي ٿي.

ســج ڪـڍنـدي ڪنڙي، مون ڪڍندي پار،

ڦـٽـو اڄ فقــير جـو، قاســــم مـــن قــرار،

جا وئي ڪالھ قطار، آئون اوساريان ان لاءِ.

نامياري  ڏاھي نوراحمد جنجهي  خليفي نبي بخش جي سر ڪلياڻ بابت پنھنجي ھڪ شاندار مقالي “سودو هاٿو هاٿ، قاسم! ڪج ڪلال سان” ۾ کيس خراج پيش لکيو آھي ته ڀٽائي جيڪا شاعريءَ جي روايت پنهنجي ڏات جي ڏاهپ ۽ ڳوڙهي مشاهدي سان شاه لطف الله قادري، شاه ڪريم ۽ خواجا محمد زمان جي سنيهي سان ساٿ نباهيندي قائم ڪئي هئي، انهيءَ املهه ورثي ۾ جن اڳتي هلي پنهنجو حصو وجهندي وڌايو ۽ مضبوط ڪيو، سي هئا خليفو نبي بخش ‘قاسم’ ۽  صوفي صديق فقير صادق.

سنڌ جو ڪيڏارو لکڻ تي خليفي نبي بخش قاسم کي منور ھاليپوٽي 2005 ۾ ڳوٺ بچو هاليپوٽي ۾ ٿيل خليفو نبي بخش قاسم سيمينار ۾ عبدالواحد آريسر صاحب جي ڪيل تقرير کي ٽرانسڪرپٽ ڪري شيئر ڪيو آھي. اھا تقرير ٻڌڻ ۽ پڙھڻ وٽان آھي. خليفي صاحب تي ڪم ٿيڻ گھرجي. مون سائين انب گوپانگ صاحب جي تفسير ۽ تشريح به ٻڌي ۽ پڙھي آھي. ٽنڊي محمد خان ۾ خليفي جي نالي تي ڊاڪٽر مگسي صاحب ھڪ بھترين لائبريري کولي آھي. ان ۾ شاگردن کي تحقيقي ڪم ڏئي سگھجي ٿو. منھنجو خيال آھي ته جيئن ھڪ خاص رٿابندي سان حر تحريڪ ۽ سورھيه بادشاھ جي عظيم الشان جدوجھد کي پيري مريدي وارو رنگ ڏئي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي آھي، ائين ئي خليفي نبي بخش قاسم جي ڪم کي به ڊاؤن سائيز ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ٿيندي رھي آھي، پر تازين سرگرمين جي نتيجي ۾ سنڌ مان آيل فيڊ بئڪ ٻڌائي ٿو ته خليفي جي ڪم جي وڏي مڃتا ۽ عزت آھي.

هلو ملهو مانجهيا! ويريين وٺو ويرَ،

جيئڻ ٿورا ڏينھڙا، پوءِ ڳڻبا پيرَ،

ٿيندو سڏ سويرَ، صبح شھيدن کي.

(خليفو نبي بخش ‘قاسم’)