وري صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جو ضد

0
199
سڀئي آسري ۾ !

  هڪ خانگي چينل جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي صدارتي نظام جي حق ۾ هلندڙ اشتهاري مهم جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. هڪ اين جي او جي نالي سان هلندڙ ان مهم جي صدارتي نظام جا فائدا ڳڻايا ويا آهن. ڇا واقعي اهڙو ئي فيصلو ڪيو ويو آهي.؟ پارلياماني نظام کان صدارتي نظام ڏانهن اڏام آهي. اها ڪوشش پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ جو عمل آهي،جيڪو به حڪمران آيو اهو عوام کي ڪجهه نه ڏئي سگهيو. پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ هلندا ويا. عمران خان حڪومت سان به اهڙو ئي معاملو آهي.  ڇا پارلياماني نظام بدران صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ سان سياست ڪندڙن جي سوچ، رويو ۽ خواهشون تبديل ٿي سگهن ٿيون.؟ رات پيٽ ۾ائين ممڪن ئي ناهي. پاڪستان جڏهن قائم ٿيو هو ته قائد اعظم محمد علي جناح حيات هو. ان جي موجودگي ۾ ئي پارلياماني نظام حڪومت ۾ لياقت علي خان وزيراعظم چونڊيو ويو هو. ان کانپوءِ 1958ع تائين حڪومتي نظام پارلياماني ئي رهيو. ايوب خان مارشل لا لڳائي ته ان کانپوءِ هن 1960ع ۾ بلدياتي نظام لاڳو ڪيو. ان نظام ۾ بنيادي جمهوريت جي نالي تي 80 هزار بنيادي جمهوريت جا ميمبر چونڊرايا وياهئا.

انهن ئي بنيادي جمهوريت جي ميمبرن   قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊيا هئا. اولهه پاڪستان ۽ ان وقت جي صوبي اوڀر  پاڪستان ۾ ٻه ئي صوبائي اسيمبليون هيون. پوءِ انهن ئي  بنيادي جمهوريت جي ميمبرن کان ووٽ وٺي ايوب خان صدر چونڊجي ويو هو. 1964ع ۾ صدارتي چونڊن ۾ ايوب خان جو مقابلو مادرِ ملت محترمه فاطمه جناح سان ٿيو، جنهن ۾ هر قسم جي ڌمڪين داٻن ڌانڌلي کانپوءِ ايوب خان ڪامياب ٿي صدر چونڊيو ويو هو. ايوب خان جي تحت جيڪو صدارتي نظام لاڳو ٿيل هو، ان ۾ صدر هڪ طرح جو مطلق العنان هو، هو ڪنهن آڏو جوابده نه هو، ان جا فيصلا حرف آخر هئا. هو پنهنجي ڪابينا پاڻ چونڊيندو هو. هن وانگر هن جو نامزد ڪيل گورنر صرف کيس ئي جوابده هو پر انتطاميا تي ان جي گرفت مضبوط هئي. انتظاميا جي آفيسرن جي مجال نه هئي جو حڪم عدولي ڪري سگهن. ايوب خان جي حڪومتي نظام ۾ گهٽ ٻوسٽ جو خطرناڪ پهلو موجود هو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن ايوب حڪومت پنهنجي ترقي جو ڏهه ساله جشن ملهائي رهي هئي ته ان گهٽ ٻوسٽ ۾ ساهه کڻڻ لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ايوب خان خلاف مهم هلائي وئي هئي. اها مهم ان حد تائين اثرائتي هئي جو ايوب خان کي سياسي اڳواڻن جي گول ميز ڪانفرنس طلب ڪرڻي پئي.

ان گول ميز ڪانفرنس ۾ ان وقد جون قدآور سياسي شخصيتون شريڪ هيون .  اپوزيشن پاران ڪنوينر نواب زاده نصر الله خان، چوڌري محمد علي، اڳوڻو وزيراعظم، جماعت اسلامي جو سربراهه مولانا مودودي، عوامي ليگ جو سربراهه شيخ مجيب الرحمان، پيپلزپارٽي جو ذوالفقار علي ڀٽو، نيشنل عوامي پارٽي جي پنهنجي ڌڙي جو سربراهه مولانا عبدالحميد ڀاشاني، نيشنل عوامي پارٽي جو پنهنجي ڌڙي جو سربراهه عبدالولي خان، تحريڪ استقلال جو سربراهه رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان، اوڀر پاڪستان جا سياسي اڳواڻ مولوي فريد احمد وغيره شرڪت ڪئي هئي. ڪيترن ئي اجلاسن کانپوءِ گول ميز ڪانفرنس ۾ ايوب خان اعلان ڪري ڇڏيو هو ته هو ايندڙ چونڊن ۾ حصو نه وٺندو، ملڪ ۾ هڪ،فرد هڪ ووٽ جي بنياد تي چونڊون ٿينديون ۽ ملڪ ۾ صدارتي نظام جي بدران پارلياماني نظام لاڳو ٿيندو. ان اعلان جي ڪجهه هفتن کانپوءِ جنرل يحييٰ خان ايوب خان کان اقتدار پنهنجي حق ۾ منتقل ڪرايو هو. ايوب خان جي لاڳو ڪيل آئين کي پوئتي رکيو ويو هو.

جنرل يحيٰ  ايوب خان پاران ڪيل اعلانن جو ورجاءُ ڪيو پر هن ون يونٽ جو خاتمو به ڪري ڇڏيو هو ۽ صوبن کي بحال ڪري ڇڏيو هو. چونڊن جي نتيجي کانپوءِ اقتدار جي منتقلي ۾بهانن کان ڪم ورتو ويو جيڪو عوامي ليگ کي قبول نه هو. ان جي قطعي اڪثريت هئي. ان کي مرڪز سان گڏوگڏ اوڀر پاڪستان ۾ اقتدار ملڻو هو. اڄ جيڪي سياسي اڳواڻ آهن، خابرو ادارن سان واڳيل  ماڻهوآهن، انهن کي خبر ئي ناهي ته مخالف ڌر پنهنجي مطالبن جي حق ۾ فيبروري 1969ع ۾ سڄي ملڪ ۾ اهڙي مڪمل هڙتال ڪرائي هئي، جنهن ۾ ريل گاڏي تائين بند هئي. هاڻي اهي ماڻهو خاص طور خابرو ادارن سان تعلق رکندڙ ماڻهو جمهوريت کي “بدبودار ڳريل سڙيل ۽ غليظ نظام” قرار ڏئي رهيا آهن ۽ سندن خيال آهي ته اهو نظام آخري پساهن ۾ آهي. جيڪي ماڻهو صدارتي نظام جي حق ۾ مهم هلائي رهيا آهن، انهن کي تاريخ جي ڪتابن مان رهنمائي وٺڻ گهرجي ته صدارتي نظام دوران عوام لاءِ ساهه کڻڻ به ڏکيو هو. دنيا ۾ ان قسم جا تماشا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڏسڻ ۾ نه آيا.

 ايوب خان جي صدارتي نظام تحت ملڪ جو سربراهه صدر هوندو آهي ۽ سمورن اختيارن جو مالڪ به، قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ختم ٿي وينديون آهن، وفاق ۾ صدر ۽ صوبن ۾ گورنر سربراهه هجي ٿو، صوبن جا گورنر سڌي ريت صدر کي جوابده هوندا آهن، قانونسازي صرف سينيٽ ذريعي ٿيندي آهي. ايوب خان جي دور ۾ سينيٽ موجود ئي نه هئي. شايد نئين نظام تحت سينيٽ کي برقرار رکڻ جو ارادو هوندو. صدر سموري ڪابينا پاڻ چونڊيندو آهي ۽ ان جي خيال ۾ “غير ضروري ۽ غير مخلص” ماڻهن جي نظام ۾ گنجائش ناهي رهندي. ان ڪري سرڪاري خرچن تي عياشي ڪندڙ گهر ويهي تبصرا ڪرڻ تائين محدود هجن ٿا. جيڪڏهن سينيٽ ۾ واضح اڪثريت هجي ته سمجهو صدر جي هر صحيح قانون جو درجو رکندي آهي.

نئين صدارتي نظام جي حامين جي خيال ۾ ان جا تمام گهڻا فائدا آهن. انهن جي خيال ۾ صدارتي نظام جي نتيجي ۾ سڄو ملڪ وفاق جي نگراني هيٺ اچي ويندو. وسيلن ۽ حقن جي نالي تي جاري ڪرپشن جو رستو بند ٿي ويندو. صوبن جا سمورا ٽيڪس وٺڻ جو اختيار وفاق وٽ هوندو. سمورا سرڪاري کاتا جيڪي صوبائي ورڇ جي ڪري غير فعال آهن، فعال ٿي ويندا. صوبن ۾ انتظامي معاملا گورنر جي ماتحت هوندا هر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي تعمير ۽ ترقي ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو ذميوار هوندو. پوليس ۽ ٻيا ادارا به ڊپٽي ڪمشنر جي ماتحت هوندا. صدارتي نظام جي حامين کي لڳي ٿو ته سياستدانن جو ڪرپشن ۽ لٽ مار وارو موقعو ختم ٿي ويندو.  ڪجهه ٻيون به تبديليون آڻڻ جا امڪان آهن. سوال اهو آهي ته ڇا نظام جي تبديلي سان ڪو فرق پوندو؟ صدارتي نظام ۾ جيئن ته اختيارن جو مرڪز هڪ ئي شخص هوندو، ان جيهڻ وٺ وارين مصروفيتن کي نظر ۾ رکندي ان سان مشاورت جو ڪو عمل ممڪن ئي ناهي هوندو، پوءِ اهو به آهي ته آزمايل صدارتي نظام کي ٻيهر آزمائڻ جي ضرورت ڇو پيش اچي رهي آهي؟.