ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سينيٽر ميان محمد عتيق گرفتار

0
301

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيٽر ميان محمد عتيق کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي، راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب اڳوڻي سينيٽر ميان محمد عتيق ۽ سندس ساٿين خلاف جون 2021 ۾ گنج منڊي راولپنڊي پوليس اسٽيشن ۾ ضلعي انتظاميا جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو

پوليس جو چوڻ آهي ته محمد عتيق تي ملڪيت جا جعلي دستاويز پيش ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته ميان عتيق ۽ ٻيا ڪيس ۾ گهربل آهن

راولپنڊي پوليس موجب اڳوڻي سينيٽر کي راولپنڊي پوليس قلعه گجر سنگهه پوليس حوالي ڪيو آهي، ڪيس جي جاچ ميرٽ تي ڪئي ويندي