ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ورڪس کاتي ۾ چيف سيڪريٽري جي منظوري بِنا سيڪشن آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون، ان ڏس ۾ ورڪس کاتي جي سيڪريٽري پاران سيڪشن آفيسر (انجنيئرنگ ون) الطاف حسين کي بدلي ڪري ايس او بجيٽ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 17هين گريڊ جي آفيس سپرنٽينڊنٽ اعجاز عباسي کي سيڪشن آفيسر (انجنيئرنگ ون) مقرر ڪيو ويو آهي.