يروشلم (م ڊ) بن يامين نيتن ياهو ٽيون ڀيرو اسرائيلي وزيراعظم جي حيثيت ۾ حلف کڻي ڇڏيو، جنهن پهرين نومبر تي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب اسرائيل ۾ گذريل ڏينهن ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيندڙ بن يامين نيتن ياهو ساڄي ڌر جي انتهاپسند پارٽين ۽ يهودي آرٿوڊوڪس پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهي ورتي. بن يامين نيتن ياهو 1996 کان 1990 تائين ۽ 2009 کان 2021 تائين اسرائيل جي وزيراعظم جو عهدو سنڀاليو هو. بن يامين نيتن ياهو کي وچ اوڀر ۾ امن جي راهه ۾ رڪاوٽ تصور ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته عدالت ۾ سندس ڪرپشن جا ڪيس پڻ هلي رهيا آهن.