ورلڊ ڪپ لاءِ هيڊن ۽ فلينڊر پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪوچ مقرر

0
418
ورلڊ ڪپ لاءِ هيڊن

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته آسٽريليا جي رانديگر ميٿيو هيڊن ۽ ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ورنن فلينڊرز کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
لاهور ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رميز راجا چيو ته هيڊن هڪ جارحاڻو رانديگر آهي، مان فلينڊرز کي سڃاڻان ٿو ، هو به سٺي راءِ ڏيندو. رميز راجا چيو ته جيڪو به ڪلب انٽرنيشنل رانديگر ڏيندو، بورڊ ان ڪلب جو سمورو خرچ برداشت ڪندو ، وومين ڪرڪيٽرن جي پگهار پڻ وڌائي ويندي.