ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۽ بلدياتي اليڪشن جو مستقبل!

                 بلدياتي اليڪشن کان پهريان 12 سيپٽيمبر تي 42 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ اليڪشن ٿي رهي آهي، سنڌ جي 08 ڪنٽونمينٽ بورڊ مان 06 ڪراچي، 01 حيدرآباد ۽ 01 پنوعاقل ۾ پولنگ اسٽيشنز جو انتظام ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي 06 ڪنٽونمينٽ بورڊز جي 288 پولنگ اسٽيشنز مان 84 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس جڏهن ته 185 پولنگن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. حساس پولنگ اسٽيشنز تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار مقرر ڪيا ويا. 288 پولنگ اسٽيشنز مان رڳو 19 پولنگ اسٽيشنز کي نارمل قرار ڏنو ويو. ڪراچي ۾ پ پ پ، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، پاڪ سرزمين پارٽي، (ن) ليگ، جماعت اسلامي، اي اين پي سميت ڪيترن ئي پارٽين ۾ سخت مقابلو آهي. پنوعاقل ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ پ پ پ اميدوار احمد علي سومرو ۽ آزاد اميدوار منير خان مهر وچ ۾ سخت مقابلو آهي. ڪنٽونمينٽ بورڊ جا اليڪشن سامهون آيا ته نظر اهو پيو اچي ته مختلف تڪن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪمران پارٽين تحت روڊ رستن سان گڏ ترقياتي ڪم شروع ٿي ويا، سڀني کٽڪن باوجود حڪومت وٽ بلدياتي ايڪٽ ۾ تبديلي ۽ اليڪشن ڪرائڻ بابت صرف 31 ڊسمبر تائين جو وقت آهي، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪرائڻ لازمي ٿيندا. ايندڙ سال مارچ، اپريل ۾ بلدياتي اليڪشن ٿيندا يا نه. جنهن لاءِ حتمي طور تي ڪجھ نٿو چئي سگهجي. ان جو دارومدار ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اليڪشن جي نتيجي تي آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

نيوڇور جي صفائي ڪرائي وڃي!

  هن وقت برسات سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ وسي آهي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ به نيٺ اچي پهتي، عمرڪوٽ جي هڪ ننڍي شهر نيوڇور ۾ به برسات پٽ پسايا پر برسات پوڻ کان پوءِ نيوڇور واسين جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، شهر جي گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر جا گٽر نالا اٿلي پيا آهن ۽ گٽر نالن جي گندو پاڻر روڊن تي بيهي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي گهر ۾ وڃي داخل ٿيو آهي. نيوڇور واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوڏرون کڻي پاڻي کي روڊ ۽ گهرن مان نيڪال ڪري ڇڏيو آهي پر ٽائون اتنظاميا عوام جي ڪابه سار نه لڌي آهي، نيوڇور جي هر روڊ تي تي گندگي جو ڍير لڳل آهي، گذريل ڪجھ ميهنن کان پيل ڪچهرو نه کڻڻ جي ڪري پورو شهر گندگيءَ جي ور چڙهي ويو آهي. ڪالهه واري برسات وقفي وقفي سان رات تائين جاري رهي، جنهن سان نيوڇور جي گٽر نالن جو گند اٿلي روڊ تي ۽ ماڻهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ لڳو. هن وقت نيوڇور شهر جي روڊ تي هڪ ته پاڻي بيٺو آهي ٻيو گند مان ايندڙ بدبو ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن شهر جا رهواسي برسات جي لاءِ دعائون گھرندا آهن پر برسات پوڻ کان پوءِ هنن جي پريشانين ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو آهي. نيوڇور کي ٻيو ڪجھ به ناهي ڏنو ويو گهٽ ۾ گهٽ هفتي تي صفائي ته ڪرائي وڃي ته جيئن عام ماڻهو شهر ۾ ڪم ڪار سانگي سڪون سان اچي سگهن. جامع مسجد فيضان مدينه طرف ايندڙ هر رستو گندگي جي ورھ چڙهيل آهي. جتان نمازين کي گذرندي اهو خيال رکڻو ٿو پوي ته ڪٿي ڪپڙا نه خراب ٿين. نيوڇور جي دردن جو ڪو درمان ٿيندو الائي نه؟ شايد نيوڇور هن حالت مان نڪري بهترين پوزيشن ۾ هجي يا هن کان بدتر حال ٿيندس.

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

سنڌ جون پٽن جهڙيون نياڻيون!

  پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بينظير ڀٽو صاحبا سنڌ جي واحد نياڻي هئي جنهن پنهنجي پيءُ شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي ناحق عدالتي قتل خلاف اڪيلي سر ملڪي سطح کان وٺي عالمي سطح تي ڀرپور آواز اٿاريو، پڪارون ڪيون، سياسي جدوجهد ڪئي، عالمي ضمير کي جهنجهوڙيو. عدالتن جا در کڙڪايا پر کيس ڪٿان به انصاف پلئه نه پيو پر خدا جي عدالت ۾ سندس والد جي سڀني قاتلن کي عبرتناڪ سزا ملي. وري 90ع جي ڏهاڪي ۾ ٽنڊو بهاول جي جوڌن جي شهادت کان پوءِ (جن کي هڪ ڪوڙي مقابلي ۾ گوليون هڻي موت جي ننڍ سمهاريو ويو هو) پنھنجي ڳڀرن جي بيگناھ موت تي جهور پوڙھي مائي جندو در در تي دانهيو، ٻاڪاريو سندس دانهن ڪوڪن جو پڙلاءُ پهرين سنڌي اخبارن پوءِ عالمي ميڊيا وسيلي سڄي دنيا تائين پهتو. پوءِ قانون حرڪت ۾ آيو ۽ سندس ڳڀرن جي قاتل اهلڪارن ميجر ارشد جميل ۽ ٻين اهلڪارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائي انصاف جو پورائو ڪيو ويو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کان پوءِ ام رباب چانڊيو ثابت ڪيو ته پٽن جهڙيون ڌيئرون ڪيئن هونديون آھن، جيڪي تن تنها هوندي پيءُ، چاچي، ڏاڏي جي قتل خلاف مسلسل جاکوڙ ڪندي رهي ۽ نيٺ دادو جي عدالت سندس فرياد ۾ جوابدار ڄاڻايل طاقتور چانڊيا سردارن کي قتل ۾ ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪري ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏنو. ڪيس جي ڪارروائي هلڻ سان هن قتل ڪيس جون حقيقتون ضرور پڌريون ٿينديون پر هڪ هٿين خالي اڪيلي نياڻي جو قبيلي جي طاقتور سردارن خلاف مهاڏو اٽڪائڻ ۽ لاڳيتو قانوني ميدان تي جهيڙو جوٽڻ تي هن سورمي جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪجي ٿو. جنهن مستقل مزاجي سان پيءُ، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل خلاف جدوجهد جاري رکي، توڙي جو کيس ذهني جسماني طور تڪليفون به ڏنيون ويون، رنڊڪن، تڪليفن باوجود هٿين خالي نياڻي انصاف جي آسري قانوني جنگ وڙهندي رهي ۽ ملندڙ ڌمڪين، مختلف دٻائن هوندي به پير پختا ڪيا ۽ ثابت قدم رهي. شيخ اياز صاحب اهڙن ڪردارن لاءِ ئي هي شعر لکيو هو ته:

ٿي تند وڙھي تلوارن سان،

تون هيڻو آن هٿيارن سان.

زاهد علي ڀٽو/ ڏهرڪي

استادن جي ڀرتي پاليسي

 ۾ بيروزگارن سان ڪيل ڀوڳ ۽ آءِ بي اي!

  ڪنھن به قوم ۽ معاشري جي ترقي لاءِ تعليم جو ھجڻ ضروري آهي پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ ان جي ڪا اھميت ناهي. ھر صوبي، ھر علائقي ۽ ھر اسڪول ۾ الڳ الڳ تعليمي نصاب آهي. ملڪ جي تعليمي نطام ۾ سونھاري سنڌ سڀني کان پٺتي پيل آهي. ڪا به واضح پاليسي نه ھجڻ ڪري صوبي جا 5 لک کان وڌيڪ اسڪول بنيادي سهولتن کان محرو آهن. تازو، استادن جي ڀرتي لاءِ ڏنل پاليسي جنھن ۾ استاد جي اهليت لاءِ گريجوئيشن ۾ 50 سيڪڙو مارڪون ھجڻ جو شرط آهي ۽ آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪرڻي آهي، جنھن ۾ ٽيسٽ مختلف حصن ۾ ورھايل ھوندي ۽ ٽيسٽ پاس ڪرڻ لاءِ ھر ھڪ حصي مان 45 سيڪڙو مارڪون ۽ گڏيل طور 55 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪرڻيون آهن. اھڙي بھترين پاليسي دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ لاڳو ناهي، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن لاءِ به گريجوئيشن سيڪنڊ ڪلاس يا گھٽ ۾ گھٽ سي گريڊ جو شرط ھوندو آھي. پوءِ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن سان اھڙي ڀوڳ ڇو؟ جڏھن ته ڀرتي لاءِ ٽيسٽ آءِ بي اي سکر جھڙو ادارو وٺندو جنھن 2018ع جي ٽيسٽن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي نصاب مان ٽيسٽ ورتي ھئي ۽ جوابي ڪيز ۾ ڪافي غلطيون ھئڻ باوجود اميدوارن کي ڪو فائدو نه ڏنو ھو. شايد آءِ بي اي جي ٽيسٽ وٺڻ جو مقصد وڌ کان وڌ اميدوارن کي فيل ڪرڻ آهي. سنڌ جي وزير تعليم کي گذارش آهي ته اھڙي تعليم دشمن پاليسي کي ختم ڪري، سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي ته جيئن ھو تعليم جي بھتري لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.

ساجد محمود/ مورو

سنڌي شاگردن سان انصاف ڪير ڪندو؟

  موجوده دور ۾ سنڌ جو شاگرد بنيادي طور تي غريب گھراڻي مان هجڻ ڪري معاشي مسئلن ۽ سماجي فرقن سبب نفسياتي بيمارين جو شڪار آھي، هڪ اندازي موجب سنڌ يونيوسٽي سميت سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن جو 30 سيڪڙو وچولي طبقي ۽ 40 سيڪڙو ھيٺين طبقي سان تعلق رکي ٿو، جڏھن ته 20 سيڪڙو شاگرد انھن گھراڻن سان تعلق رکن ٿا جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ جي زندگي گذارن ٿا. مٿين انگن اکرن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي يونيورسٽن پاران فيسن ۾ ڪيل واڌاري جو سڌو سنئون اثر انھن 60 سيڪڙو شاگردن تي پوي ٿو جيڪي ڪنھن به ريت انڌ وزن کي برداشت ڪرڻ جي قابل ناهن. غربت جي لڪير کان هيٺ جي زندگي گھاريندڙ 20 سيڪڙو شاگردن لاءِ ته فيسن ۾ تازي واڌاري کان پوءِ پنھنجي پڙھائي جاري رکڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پر ڏسجي ٿو ته 40 سيڪڙو ھيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ به فيسن ۾ ٿيل واڌاري انيڪ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آھن. شاگردن تنظيمن جي غيرفعال هجڻ ڪري ان وڏي الميي خلاف نمايان شاگرد جدوجھد نٿا ڪري سگھن، جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد تنظيمون فعال آھن سي به سڌي ريت شاگرد سياست تي اثرانداز نٿيون ٿين ۽ ان سبب شاگرد برادري جا انيڪ مسئلا حل ٿيڻ بدران روز بروز وڌندا ٿا رھن. ايئن پيو لڳي ته پھريان کان ڳاٽي ٽوڙ فيسن ۾ نامناسب ۽ بنا جواز واڌارو سنڌ جي غريب شاگردن ڪاڻ تعليمي سفر جي تباهي جو آخري ڏاڪو ثابت ٿيندو. سنڌ جي قومپرست قيادت جيتوڻيڪ اڳ ئي بحريا ۽ ڌاري آبادڪاري جھڙن عوام دشمن مسئلن خلاف ميدانِ عمل ۾ آھي، تنھن هوندي به سنڌ جي سياسي سماجي شخصيتن ۽ قومي عوامي بيانيو رکندڙ تنظيمن کي سنڌ جي مستقبل جي زندگيءَ ۽ موت جھڙي مسئلي تي نه صرف پنھنجو واضع موقف اختيار ڪرڻ کپي پر وقت سر يونيورسٽي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت جي اھڙي غيرآئيني ۽ غير اخلاقي عمل خلاف پنھنجي ماتحت شاگرد تنظمين کي متحرڪ ڪري سنڌ جي غريب شاگردن کان کسجندڙ تعليم جو حق واپس ڏيارڻ ۾ پنھنجي مثبت ڪردار ادا ڪن.

سرمد اياز/حيدرآباد

تعليم آخر وئي ڪاڏي؟

  اسان کي وڏڙا ٻڌائيندا آھن ته اسين جڏھن پڙھندا ھئاسين تڏھن ٻھراڙين ۾ اسڪول وڏيري طرفان ڏنل اوطاق جي ڇپرن، ڪچين عمارتن ۽ وڻن ھيٺان يا کلئي آسمان ھيٺ ۽ اسڪول تمام گھڻو پري پري ھوندا ھئا. ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري اسڪول وڃڻو پوندو ھو. ايترو پنڌ ڪري استاد به ايندا ھئا. استادن جون ضلعي، تعلقي ۽ سنڌ ليول جون بدليون ٿينديون ھيون، استادن جون پگھارن ھزارن ۽ لکن ۾ نه ھونديون ھيون پر ڪجھ سئو يا اڃا به گھٽ ھوندي ھئي. استاد جڏھن ڪلڪ تي ميٽ سان ميساريل پٽي تي لکندا ھئا ته اکر موتين جھڙا ھوندا ھئا. والدين ويچارا مسڪين سال ۾ ھڪڙو جوڙو ڪپڙن جو سورن سان وٺي ڏيندا ھئا. پيرن ۾ چپل نه ھوندي ھئي نه کيسي ۾ خرچي. نه قلم ۽ ڪتاب لاءِ  پيسا ھوندا ھئا. اڪثر  شاگرد مزدوري ڪري ڪجھ ساڳئي اسڪول ۾ گجرون ۽ ڇولا وڪڻي تعليم جو خرچ ڪڍندا ھئا. اسڪول ۾ گھڻو ڪري پوزيشن به اُھي ئي کڻندا ھئا. اسڪول ۾ نه بئنچ، نه ٽيبل، نه ليٽرين، نه پکو ۽ بجلي ھوندي هئي نه ٽيوشن. ٻار زمين تي ويهي پڙھندا ھئا ۽ گوڏي تي سليٽ رکي لکندا ھئا. جيڪو امتحان پاس نه ڪري سگھندو ھو ان کي اڳين درجي ۾ نه موڪليندا ھئا. ڪاپيءَ جو تصور نه ھو، استاد جي وڏي عزت ھئي، ھي 88ع کان پوءِ تعليم جي تباھي شروع ٿي آهي، استاد يونينز، ھر سياسي پارٽين جا شاگرد ونگ، تعليم کاتي ۾ سياسي مداخلت ۽ سفارشي ڀرتي شروع ٿي، پوءِ تعليم تباھ ٿيندي وئي. تعليمي سڌاري جو واحد حل تعليم مان ھر قسم جي سياست کي مڪمل ختم ڪرڻ ۾ آهي. استاد يونين تي پابندي وڌي وڃي، جديد ۽ سائنسي نصاب لاڳو ٿئي، ان لاءِ نوان استاد ڀرتي ٿين، تعليم ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، ڪمپيوٽر، انگريزي ۽ اردو تعليم پرائمري کان شروع ٿيڻ گھرجي. ھن وقت استاد تقريبن 3 ھزار رپيا ڏھاڙي ٿو کڻي، جيڪا ڪنھن لحاظ سان گھٽ اجرت نه آھي پر رڳو حلال ڪري کائي.

ثقلين حيدر/رتوديرو

سنڌڙي ۾اڻ اعلانيل

۽ غيرقانوني لوڊشيڊنگ

ختم ڪريو!

  ڏٺو وڃي ته پوري سنڌ ۾ وابڊا وارن جو اهو حال آهي جو 24 ڪلاڪن مان لائيٽ صرف 4 کان 5 ڪلاڪ هلائي ويندي آهي، ان ۾ اسان جو تعلقو سنڌڙي به هڪ آهي سوال ته کوڙ آهن پر ڪجھ هتي رکجن ٿا ته آخر لوڊشيڊنگ جا ڪهڙا سبب آهن، پرائيويٽ ملازم رکيل آهن جيڪي ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ڏئي پنهنجا ۽ اعليٰ آفيسرن جا کيسا گرم ڪن ٿا. اسان جي تعلقو واپڊا جي رحم ڪرم تي آهي، مخصوص ماڻهن کي فري لائينون ڏنل آهن. هنڱورنو چاهي سنڌڙي مين چوڪ شهر جي اڌ آبادي وابڊا جي کاتي جي رکيل پرائيوٽ ماڻهن جي مهرباني سان منٿلي تي ڊائريڪٽ ڪنيڪشن فڪس ڪري ڏنل آهن. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسان جهڙا غريب جيڪي ماهوار بل ادا ڪن ٿا، انهن وٽ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڇاجي آهي؟ آخر واپڊا کان ڪير پڇندو؟ آخر واپڊا ۾ ٿيندڙ ڪرپشن تي نيب ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڇو خاموش آهن. غور طلب ڳالھ اها آهي ته مخصوص ماڻهن کي ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ڏنل آهن، ان ڪري اهي روڊن تي ڪيئن نڪرندا ۽ عوام وري انهن جي خوف کان نٿو نڪري ته متان اهي نه ڪاوڙجي نه وڃن ۽ ٻي اهم ڳالھ ته تعلقي سنڌڙي ۾ بجلي جي نظام جو اهو حال آهي ته جيڪڏھن عام هوا به لڳي ٿي ته کنڀا ڪري پون ٿا، برسات ته پري جي ڳالھ آھي پر ٿوري ماڪ پوڻ تي به لائن ٽرپ ٿيو وڃي. سڄو سسٽم درهم برهم لڳيو پيو آهي، جڏهن پاڪستان ٺهيو هو تڏهن وارا کنڀا ۽ تارون اڃا تائين جڳاڙ ڪري هلايا وڃن ٿا جنهن ڪري هن مهل تائين الائي ڪيتريون انساني جانيون چوپايو مال ۽ پکي پکڻ ڪرنٽ لڳڻ ڪري پنهنجي زندگيون وڃائي چڪا آهن. اسان اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪيون ته واپڊا جي اهڙي رويي ۽ ڪرپشن جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ نااهل قرار ڏئي اهڙن آفيسرن کي نوڪري تان برطرف ڪيو وڃي ۽ تعلقي سنڌڙي ۾ آپريشن ڪري غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽيا وڃن ۽ لوڊشيڊنگ کي ختم ڪرائي وڃي.

تنھا قادر سنڌي/ سنڌڙي

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمن ڏانھن هڪ چٺي!

  هن سال 2021ع جي نائين ڪلاس جي نئين نصاب ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ آهي، جنھن جي نظم واري حصي ۾ شاھ لطيف جي سر سارنگ مان هڪ نظم آيل آهي، جنھن ۾ لکيل آهي ته“ آڙيون ابر آسري تاڙا تنوارين”  ان بند ۾ وڏي غلطي آهي، جيئن ته آڙي هڪ پرديسي پکي آهي، جيڪو سياري جي موسم ۾ ڍنڍن ۾ رهندو آهي، جنهن جو ابر سان ڪهڙو واسطو آهي، اهو لفظ آر آهي، جيڪو هڪ جيت جو قسم آهي، جيڪو برسات جي موسم ۾ رات جو يا فجر محل آواز ڪندو آهي، ٻئي طرف تاڙو هڪ پکي جو قسم آهي، اهو پکي به برسات کي ساريندي ٻوليندو آهي، جنھن کي ايئن لکيو وڃي ته، “آرون ابر آسري تاڙا تنوارين”. هاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو ۾ ويٺل سڄاڻ اديب ۽ پروفيسر جڏهن به نصاب کي ٺاهين ٿا ته ان جي تصديق ڪري پوءِ ڇاپيو وڃي، اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي ساڳئي اداري مان ڇپيل ڪتابن ۾ هزارين غلطيون آهن جن کي پڙهي درست ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل لاءِ ڪا پريشاني پيدا نه ٿئي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

جديد دور ۽ ٻارڙن جي تربيت‎‎!

                 ٻار ۽ ٻارن جي تربيت ھڪ ماءُ کان سواءِ ڪير به سمجھي نٿو سگھي، ان ڏس ۾ ھزارين لکين ڪتاب ڇپجي چڪا آھن ۽ ھزارين پروگرام ميڊيا تي ھلن ٿا پر اھو مسئلو والدين لاءِ آھي ته ٻار ۽ ٻارڙن جي تربيت ھن جديد دور ۾ ڪيئن ڪجي؟ جديد معاشري ۾ ٻارن جي تربيت والدين لاءِ وڏو چيلنج بڻيل آھي، بدلجندڙ دنيا سان گڏ والدين کي به تربيت جو طريقو بدلائڻ گھرجي ۽ پنھنجو پاڻ کي به جديد بڻائڻ گھرجي، تربيت جا جديد طريقا اپنائڻ گھرجن. اڄ ڪلھ ھر ٻار جي ھٿ ۾ موبائل جھڙي خطرناڪ ٽول موجود آھي، جتي ٻار مائٽن کان وڌيڪ واٽس ايپ ۽ فيس بڪ ۽ ٻين ايپس کي وڌيڪ وقت ڏين ٿا، اتي والدين کي به گھرجي ته پنھنجي ٻارن سان ڪميونيڪيشن کي اسٽرونگ ڪري پاڻ کي به واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام وسيلي ٽچ ۾ رھن ۽ غير  محسوس طريقي سان سٺيون تحريرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندا رھن ۽ انھن جي اصلاح جي ڪوشيش ۾ رڌل رھن ۽ پنھنجي ٻارن کي سٺو وقت ڏين، انھن سان سوشل معاملن تي بحث ڪن، جديد دور ۾ جتي ھر خبر منٽ ۾ پھچي ٿي ان کان آگاھ ڪرڻ ۽ سندن راءِ وٺڻ گھرجي. والدين کي رڳو نصيحت ڪرڻ کان پرھيز ڪرڻ گھرجي پنھنجن ٻارڙن کي به ڳالھائڻ جو موقعو ڏيڻ گھرجي. اڄ ڪلھ جي جديد دور ۾ والدين کي گھرجي ته پنھـنجي اولاد جي سٺي تربيت ذريعي ٻارن ۾ شعور پيدا ڪري انھن کي معاشري جو مفيد فرد بڻائين ۽ سٺو انسان بڻائين. والدين کي گھرجي ته دنيا جي جديديت کي قبول ڪري ٻارن سان سٺي ڪميونيڪيشن رکي پنھنجي نئي نسل جي تربيت جي ذميواري کڻي ۽ پنھنجي ذميواري به پوري ڪري.

سردار خاتون/حيدرآباد

اڻ پڙهيل کان پڙهيل لکيل وڌيڪ چمچاگيري ڪن ٿا!‎‎

  اڳ جيڪو وقت هو ان وقت ماڻهو محنتي ۽ زندهه ضمير هوندا هئا، ڪنهن ڀوتار جي چمچاگيري ڪرڻ لاءِ ايترو وقت ئي نه بچندو هو، ڇو ته فجر مھل ماني کائي مالڪ جو نالو وٺي پنهنجي ڪم ڪار لاءِ نڪري ويندا هئا ۽ پورو ڏينهن محنت ڪري سج لٿي مھل گھر پهچي ماني کائي ڪچهريون ڪري سڪون جي ننڍ ڪندا هئا، گهڻي لالچ ڪونه هوندي هئي ۽ نه ئي وڏيري جي اوطاقن تي اجائي حاضري ڀريندا هئا. هاڻ وقت ته اهو ئي آهي پر ماڻهو ۽ ماڻهپي ۾ فرق اچي ويو آهي ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو اڃا به ڪجهه قدر بهتر آهي پر پڙهيل لکيل ماڻهو وڌيڪ مفاد پرست ۽ لالچي ٿي ويو آهي. پڙهيل لکيل ماڻهو ايڏو ته چالباز آهي جو غريبن جا حق ايئن ٿو کائي ڄڻ پڙهيو ئي غريب ماڻهن جا حق کائڻ لاءِ آهي. اوهان نظر کڻي ڏسو ته ڀوتارن جي اوطاقن ۽ بنگلن تي اڻپڙهيل بدران پڙهيل لکيل ماڻهو وڌيڪ نظر ايندا، ان کان سواءِ اوھان سوشل ميڊيا تي رڳو نظر ڦيرائي ڏسو، چڱا ڀلا پڙهيل لکيل ماڻهو پنهنجن مفادن جي چڪرن ۾ ڪيئن ٿا ڪوڙيون تعريفن واريون پوسٽون ڪن. ٻڏي مرڻ جو مقام آهي، پڙهيل لکيل ماڻهو گوڏي جيڏي گٽر جي پاڻي مان جنازن کي ڪلهو ٿا ڏين ۽ چون ٿا ته سڀ ٺيڪ آهي.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ