مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند ڀرسان ڳوٺ دريا خان جلباڻي وٽ ڏيڍ سال اڳ مبينا ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي  قتل ڪيل نوجوان وحيد رند واري معاملي جو جرڳو پ پ اڳواڻ فدا حسين ڏيرو جي سرپئنچي هيٺ ٽنڊوآدم ۾ ٿيو، جرڳي ۾ مقتول جا ڀائر ۽ عزيز اميد علي رند، دريا خان رند ۽ جوابدار ڌر طرفان علي گوهر جلباڻي ۽ گل جلباڻي، مير حسن مگسي ۽ غلام علي زرداري شريڪ ٿيا، ٻنهي ڌرين جي امينن عنايت رند،  علي نواز جلباڻي، حضور بخش رند، رحيم رند، سائينداد رند ۽ ٻين ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ علي گوهر جلباڻي کي ڏوهي قرار ڏيندي خون بها ڀري ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪئي، ذريعن موجب فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو ته ڏوهي قرار ڏنل ڌر خون بها جي رقم ڀري ڏيڻ سان گڏ تڏو به بخشرائيندي. نبيري بعد ڌرين کير کنڊ ٿي ويون.