حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هوسڙي جي ڳوٺ قادر بخش سولنگي ڀرسان اڪرم واهه مان گجراتي پاڙي جي رهواسي نوجوان جو لاش هٿ آيو. اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش واهه مان ڪڍرائي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واهه مان هٿ آيل 19 سالن جو محمد اسامه پٽ محمد ابراهيم 26 اپريل تي گجراتي پاڙي مان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي اڪرم واهه ۾ وهنجڻ لاءِ پهتو جتي وهنجڻ دوران پاڻي جي وڏي وهڪري ۾ ٻڏي فوت ٿيو جنهن جو لاش هوسڙي جي ڳوٺ قادر بخش سولنگي ڀرسان علائقي واسين واهه ۾ ڏسي کين اطلاع ڏنو. هوسڙي ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر امام الدين راهپوٽو موجب فوتي جو لاش سندس ڀاءُ محمد اڪرم حوالي ڪيو ويو جيڪو گجراتي پاڙي کڻائي ويا هئا.