ڳڙهي خيرو (رپورٽ: ساگر ڀٽي) ڳڙهي خيرو ۾ خوراڪ کاتي جي گدام تي مٽي مليل ڪڻڪ لاھڻ تان واپاري ۽ خوراڪ کاتي جي عملي ۾ جھيڙو، فائرنگ، اطلاع تي پوليس پھچي وئي، واپاري گرفتاري بعد آزاد. خبر موجب واپاري محب ليڙواڻي ڪڻڪ جي ٽرڪ گدام تي لاھڻ جي ڪوشش ڪئي ته گدام جي چوڪيدار نور محمد بروھي کيس ڪڻڪ ۾ مٽي ملاوٽ هجڻ ۽ پراڻي ڪڻڪ ھجڻ جو جواز ڄاڻائي کيس لاھڻ کان منع ڪئي، جنھن تي واپاري ۽ چوڪيدار وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، اطلاع تي ڳڙهي خيرو پوليس پھچي واپاري کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي، جنھن کي بعد ۾ ڪجھه دير کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته فوڊ انسپيڪٽر پاران شڪايت واپس وٺڻ ۽ ڪيس داخل نه ڪرائڻ تي واپاري کي آزاد ڪيو ويو. ٻئي پاسي فوڊ انسپيڪٽر شمس بروھي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته واپاري خراب ۽ مٽي ڀريل ڪڻڪ گدام تي لاھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي چوڪيدار منع ڪئي ته هن جھيڙو ڪيو، جنهن ڪري پوليس کي گهرائڻو پيو. هن چيو ته بعد ۾ واپاري غلطي تسليم ڪئي جنهن بعد اسان شڪايت تان هٿ کڻي وياسين. هوڏانهن واپاري کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪجهه به ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.