فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجهو ڳوٺ سيلرا جو رھواسي ذھني کان وڃايل نوجوان خالد سيلرو حمل ڍنڍ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. نوجوان ڪالھه کان لاپتا ھيو جنھن جي وارثن گهڻي ڳولا ڪئي جڏهن ته علائقي جي ڌنارن پاران حمل ڍنڍ کان ايندڙ ايف پي بند جي کامن ۾ لاش ڏسڻ جي اطلاع تي وارث پھچي لاش پاڻي مان ڪڍي لاش جي سڃاڻپ ڪئي بعد ۾ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن لاش تحويل ۾ وٺي فوتي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ميھڙ کڻائي وئي، ٻئي طرف ڪجهه ڏينهن اڳ فوتي جي امڙ شبيران سيلرو پاران سيڪنڊ سول جج ميھڙ جي عدالت ۾ پٽ کي علاج لاءِ گدو ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ھئي، جنهن تي سينيئر سول جج پاران مليل رخواست تي فريدآباد پوليس کي 30 اپريل تي فوتي نوجوان کي سندس آڏو پيش ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو ھو. ياد رھي ته فوتي نوجوان جي والد محمد خان سيلرو ميڊيا ۾ احتجاج ڪندي اختيارين کي اپيل ڪئي ھئي ته پٽ جو ذھني توازن ٺيڪ ناهي مسڪين آھيان پٽ کي علاج لاءِ گدو کڻي وڃي علاج ڪرايو وڃي.