سکر (بيورو رپورٽ:) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس فھيم احمد صديقي تي مشتمل ڊبل بئنچ لا ڪاليج سکر جي شاگردن طرفان ٽن سالن کان امتحان نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو رجسٽرار توڙي ڪنٽرولر پيش نه ٿيا، درخواستگذارن جي وڪيل علي رضا بلوچ عدالت کي ٻڌايو ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا ٽن سالن کان لا ڪاليج جي شاگردن کان امتحان نه پئي وٺي، جنھن ڪري انھن جو مستقبل داءٌ تي لڳي ويو آھي، پر افسوس يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کي هراسان ڪري رھي آھي، شاگردن کي چيو پيو وڃي ته توھان ھِتي رلي ويندوَ، پاس نه ٿي سگھندوَ، توھان کي ڊگريون نه ڏنيون وينديون، جيڪو شاگردن جو مستقبل تباھ ٿي رھيو آھي يونيورسٽي اختياريون اُن جو ازالو ڪرڻ متعلق سوچڻ بجاءِ شاگردن کي پريشان پيون ڪن. جنھن تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظھار ڪندي رجسٽرار جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي کيس پھرين جون تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.