حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا پاران عدالتي حڪم بعد آبپاشي کاتي جي زمين تان حددخليون هٽائڻ لاءِ ٻيهر آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. سٽي تعلقي جي ڦليلي ڪئنال تان انتظاميا هيوي مشينري ذريعي ڪيترن ئي گهرن جا ڪجهه حصا، دڪان ۽ مال جا واڙا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. مختيارڪار سٽي جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تحت ٽنڊو آغا، پاور هائوس، انصاري پاڙي سميت ٻين علائقن ۾ آبپاشي عملي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملي جي مدد سان آپريشن جي شروعات ڪئي آهي. پهرين ڏينهن تي 2 درجن کان وڌيڪ گهرن جون چئوديواريون، ڪجهه ڪچا گهر ۽ دڪان توڙي مال جا واڙا ڊاهي پٽ ڪيا آهن. مختيارڪار موجب حددخلين بابت علائقي واسين کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو جنهن بعد آبپاشي عملي ڦليلي ڪئنال جي ڪنڌي تي 60 فوٽ تائين غيرقانوني ٺاهيل گهرن، دڪانن ۽ مال جي واڙن جي نشاندهي ڪندي اتي نشان لڳائي ڇڏيا هئا. سندس چوڻ موجب ته ڄاڻايل آپريشن پورو هفتو جاري رهندو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا اڃا به کين مهلت ڏي ته جيئن هو گهرن ۾ پيل سامان ۽ گهرڀاتين کي متبادل هنڌ منتقل ڪري سگهن. متاثر ماڻهن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته هو سالن کان آباد آهن ان ڪري کين رهائش لاءِ متبادل طور گهر فراهم ڪري بعد ۾ کين بي گهر ڪيو وڃي.