نيٺ ڇا ٿيندو؟ سوال/سروي لاڪ ڊائون کان بهتر آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو، حڪومت غريبن لاءِ رليف پيڪيج ڏئي: عوام

0
368

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس سبب سنڌ جا تعليمي ادارا 17 مئي تائين بند رهندا، شهرن وچ ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ خميس کان بند ٿيندي، جمعي ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون هوندو، مارڪيٽون شام 6 وڳي تائين کليل رهنديون، سنڌ سرڪار جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته لاڪ ڊائون کان بهتر آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، لاڪ ڊائون سان غربت ۽ بيروزگاري وڌندي، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ٿيندا، حڪومت انهن لاءِ رليف جو بندوبست ڪري. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مرڪ منان چانڊيو لکيو ته ڪورونا وبا عالمي طور ملڪن جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. صحت جي سهولتن جي اڻ ھوند سبب ڪورونا وبا تيزي سان پکڙجي رهي آھي. رڳو لاڪ ڊائون لاڳو ڪري غريبن جي گذر سفر تي راتاهو هنيو پيو وڃي، خادم گهراڻو لکيو ته تعليم جو اڳ ئي نقصان ٿي چڪو آهي وري اسڪول بند ڪيا ويا اڳتي خبر نه آهي ڪڏهن کلندا اندروني ٽريفڪ بند هئڻ سبب ڊرائيور بي روزگار ٿي ويندا، عوام کي جاڳرتا ڏني وڃي انهن کي ڪرونا کان بچايو وڃي.گلزار ملاح لکيو ته حڪومت جو وقتائتو فيصلو آھي، پر ٽرانسپورٽ کي عيد تائين هلايو وڃي ها، فضل بلوچ لکيو ته عوام پهريان ئي غربت کان تنگ آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏئي ته عوام ٻاهر ئي نه نڪرندو، عاشق حسين لکيو ته سنڌ سرڪار جو بهترين قدم آهي، عوام سهڪار ڪري، شاهد ڏاهري لکيو ته تعليمي ادارا کوليا وڃن، اياز احمد لکيو ته عوام پاڻ ايس او پيز تي عمل ڪري، حڪومت عوام جون ضرورتون پوريون ڪري پوءِ لاڪ ڊائون لڳايو وڃي.، مسرور شر لکيو ته سرڪار سٺا قدم کنيا آهن، ضياءُالرحمان ناريجو لکيو ته حڪومت لاڪ ڊائون ڪري ٿي ته غريب عوام کي باقائده رليف ڏنو وڃي، شاهد حسين لکيو ته ايس او پيز تحت تعليم جاري رکي وڃي، سيف قربان سميجو لکيو ته انساني جانين کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، پاڻ ۽ پنهنجي پيارن کي بچايو، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ڪورونا ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، لاڪ ڊائون سان غريب ڏهاڙيدار ماڻهو جو گذارو مشڪل بڻجي ويندو، نماڻو نوناري لکيو ته حڪومت عوام لاءِ آزار ڪيو آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته بهترين قدم آهي، محمد وارث رند لکيو ته ڇا ڪورونا رڳو جمع ۽ ڇنڇر تي ايندو، حسين آزاد لکيو ته ڪورونا کان بچائڻ لاءِ سٺو قدم آهي، آفتاب لغاري لکيو ته ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي، تعليمي ادارن لاءِ آن لائن نظام متعارف ڪرايو وڃي، نادر چانڊيو لکيو ته سرڪار سٺو قدم کنيو آهي، احسان علي سومرو لکيو ته جمعي ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون وارو فيصلو درست ناهي، ڪامريڊ پيار علي مشوري لکيو ته ٻه ڏينهن ڪاروبار بند ڪرڻ ۽ شام جو جلد ڪاروبار بند ڪرڻ وارو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، نوراحمد کوسو لکيو ته بدين ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي. آصف علي ميمڻ لکيو ته ٻين صوبن کان ايندڙ ٽرانسپورٽ کي بند ڪري سنڌ جا بارڊر سيل ڪيا وڃن، مارڪيٽن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائجي ته جيئن ڪورونا کان بچي سگهجي. عبدالجبار راڄڙ لکيو ته ٽرانسپورٽ ۽ تعليمي ادارا نه بند ڪيا وڃن. سختي سان ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي. معشوق چنا لکيو ته روزگار ۽ غربت لاءِ حڪومت کي سوچڻ گهرجي، نياز ڪلوئي لکيو ته بهترين فيصلو آهي، عبدالجبار بلوچ لکيو ته تعليمي ادارن کي بند نه ڪيو وڃي ھا، نصير چنا لکيو ته ماڻهو ڪورونا کي سنجيده نٿا وٺن، مير ڀٽي لکيو ته ٽرانسپورٽ کي بند نه ڪرڻ گهرجي، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته موجوده صورتحال ۾ سٺو فيصلو آهي، فيصل وزير لکيو ته تعليمي ادارن کي ايس او پيز تحت کوليو وڃي، غلام قادر لکيو ته لاڪ ڊائون سان ماڻهن لاءِ مشڪلاتون ٿينديون، مختيار ميمڻ لکيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، مختيار چنا پڻ سروي ۾ حصو ورتو، ساگر امير حيدر لکيو ته عجيب فيصلا آهن، نعمت الله لطيفاڻي ساند لکيو ته ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ سان ماڻهو بک مرندا، انعام سومرو لکيو ته لاڪ ڊائون سان فرق نه پوندو، ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، پيارو جلباڻي لکيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي. پيارو جلباڻي لکيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، وقاص ياسين لکيو ته ڪرونا سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. مزدور طبقي لاءِ انهي جي روزي جو مسئلو آهي. صحت کاتو حڪومت عوام ۾ آگاهي ڏئي . ڪورونا ويڪسين ڪرائي وڃي، ذوالفقار خاڪي لکيو ته جيڪڏھن قوم جي زندگي کي عزيز ٿا سمجھون ته مال ملڪيت فائدا سڀ قربان ڪرڻا ھوندا.زندگي ھوندي ته سمورن نقصانن جو ازالو ٿي ويندو، سڪندر بلوچ، سرفراز ساريو، شوڪت بلوچ، جاويد ڪيريو، شڪر الدين گجو، فاروق احمد بلوچ، عبدالمجيد شيخ، عبدالرحمان چانگ، منور علي شاهه، عبدالسلام ٿهيم، غلام مرتضيٰ بجير، عصمت الله رند، سردار لطيف، امان الله چانڊيو ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي راءِ ڏني.