اشو آف دي ڊي تيمور جهڳڙا مان اها اميد نه هئي وزير صحت جي افطار پارٽي تي سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
212

ڪورونا وائرس جي ڪري رمضان مهيني ۾ اڪثر شهرن ۾ ايس او پيز لاڳو آهن هوٽلن ۾ اندر توڙي ٻاهر کائڻ تي پابندي آهي. اهڙي ڳالهه خيبرپختونخوا جو صحت وارو وزير بهتر ڄاڻي ٿو هو پريس ڪانفرنسن ۽ ٽوئيٽر تي ماڻهن کي گذارش ڪندو رهيو آهي ته ڪورونا وبا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪريو ۽ حفاظتي اپائن تي عمل ڪريو. گذريل ڏينهن پشاور جي ضلعي انتظاميا وزير صحت تيمور جهڳڙا ۽ ريسٽورنٽ مالڪ، مينيجر خلاف ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي تيمور جهڳڙا جي افطار پارٽي واريون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن، جن ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو ته هو ريسٽورنٽ ۾ هڪ افطار پارٽي ۾ شريڪ آهي ۽ سماجي فاصلو به ناهي رکيو ويو، سڀ ماڻهو بنا ماسڪ جي ويٺا آهن اهڙي عمل تي تيمور جهڳڙا مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا پاران بيان جاري ڪيو ويو ته قانون کان مٿانهون ڪير ناهي جيڪو به حڪومتي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. ان ريسٽورنٽ کي سيل ڪيو ويو آهي جتي تيمور جهڳڙا ۽ سندس ساٿين افطار پارٽي ڪئي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڄاڻايل جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو عام طور عدالتون ڏنڊ لڳائينديون آهن، قانوني ماهرن موجب ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ٻن مهينن تائين قيد جي سزا ۽ ڏنڊ جي سزا لڳي سگهي ٿي. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي اپائن تي عمل لازمي آهي. سوشل ميڊيا تي تيمور جهڳڙا جون تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ مٿس تنقيد ٿي رهي آهي. اڪثر صارفين لکيو ته صحت جي صوبائي وزير کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها، علي اڪبر لکيو ته خيبر پختونخوا جو عوامي نمائندو ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪندي افطار پارٽي ۾ مصروف آهي، عوام کي به گذارش آهي ته ماسڪ پائي، فاصلو رکي ۽ هٿ ته هر وقت ڌوئيندا رهو. عرفان خان لکيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جو ڀاشڻ ڏيندڙ وزير صحت سليم جهڳڙا پاڻ افطار پارٽي ۾ مصروف آهي.عزيز يونس لکيو ته سچ چوان ته مون کي جهڳڙا مان بهتر جي اميد هئي، جيڪڏهن وزير سالگرهه ۽ پارٽيون ڪندا يا افطار جي دعوت تي ويندا ته ڪهڙي منهن سان شهرين کي ايس او پيز تي عملدرآمد جي اپيل ڪندا؟ مغيث علي لکيو ته هي خيبرپختونخوا جو صحت وزير تيمور جهڳڙا آهي ۽ هي انجي افطار پارٽي ٿي رهي آهي، ڪورونا ڀڄائڻ جا ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪي پي انتظاميا سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي جيڪڏهن صحت وزير پاڻ اهڙا ڪم ڪندا ته پوءِ عوام ڌوڙ ايس او پيز تي عمل ڪندو. شاهد پروين لکيو ته ٻين کي نصيحت پاڻ ميان فصيحت، ماڻهن کي ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي پئي وڃي، اي سي کي اخلاقي جرئت تي جس هجي، امام اعظم لکيو ته عوام کي ڪهڙي ميار، جڏهن وزيرن جي پنهنجي اها حالت هجي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس عروج تي آهي ان باوجود تيمور جهڳڙا درجنين ماڻهن لاءِ دعوت افطار جو بندوبست ڪيو ۽ پنهنجي ئي ٺاهيل ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي، عوام هونئن ئي ڪورونا کي نٿو مڃي پر هاڻي ان بعد وزير صحت جي ڳالهه تي ڪير ڌيان ڏيندو.