ڪمپيئر شهناز راڄپر جي ورسيءَ جي مناسبت سان
ريڊيو جي دنيا به هڪ عجيب دنيا آهي. ريڊيو چئلنز تي ڪم ڪندڙ ڪپميئرن جا پردي پويان لکين چاهيندڙ هوندا آهن ۽ انهيءَ پردي جي دنيا ۾ شهناز راڄپر به آواز جي دنيا جي هڪ جاودگر ۽ ڪمال جي ڪمپيئر هئي. هُن جي آواز ۾ ايتري ته مِٺاس ۽ معصوميت هوندي هئي جو هر ٻُڌندڙ هن جي آواز ڏانهن مائل ٿي ويندو هو. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته هُن پنهنجي خوبصورت آواز ۽ نرالي انداز سان لکين ٻُڌندڙن جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ عورت ڪمپيئرن ۾ انتهائي مقبول ترين ڪمپيئر هئي. هُن جو آواز جڏهن ريڊيو جي اسٽوڊيوز مان ٿيندو ٻهراڙين جي جهر جهنگ ۾ ٻُڌندڙن جي ڪنن سان ٽڪرائجندو هو ته هر ٻُڌندڙن جي دل تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. ٻُڌندڙن طرفان خطن ۾ موڪليل شاعريءَ توڙي ڊائريءَ جا ورق پڙهڻ جو ڪمال کيس ئي هوندو هو. شهناز راڄپر 13 جولاءِ 1975ع تي ڳوٺ سبيرو خان محمد راڄپر ۾ جنم ورتو. هُن پنهنجي ريڊيو جي سفر جي شروعات 1990ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ٻارڙن جي جي هڪ پروگرام سان ڪئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ريڊيو جي آڪاش جو جرڪندڙ ستارو ٿي اُڀري. سندس آواز ۾ اهڙي ته مٺاس هئي جو هڪ ڀيرو ٻُڌڻ بعد دل هُن کي بار بار ٻُڌڻ چاهيندي هئي. هُن کي بهترين ڪمپيئرنگ ڪرڻ تي ريڊيو سميت ٻين ڪيترن ئي ادارن مختلف ايوارڊن ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽن سان پڻ نوازيو وي، هوءَ هڪ ئي وقت بهترين ڪمپيئر، پروڊيوسر ۽ اداڪاره پڻ هئي. هُن ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا ۽ زندگيءَ جا آخري سال هُن ايف ايم 92 نوري آباد کي ارپيا ۽ ساهه جي آخري دم تائين واڳيل رهي. 4 اپريل 2009ع جي رات هوءَ نوري آباد کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته هڪ خوفناڪ روڊ حادثي جو شڪار ٿي پيئي جنهن سبب هوءَ 24 ڏينهن تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي ۽ نيٺ 28 اپريل 2009ع تي سنڌ جي هڪ باڪمال ڪمپيئر شهناز راڄپر اسان سڀني کان هميشه لاءِ وڇڙي ويئي.
احسان ملاح/نندو شهر

زيادتي ۽ بناجواز قتل ڪندڙن کي ڦاسي جي سزا ڏيو! 
هن جديد دور ۾ به اسان اڃان تائين زيادتي ۽ بناجواز قتل ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا لاءِ ڪو نئون قانون پاس نه ڪري سگهيا آهيون. هر روز قتل ۽ زيادتي جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اهڙن واقعن سان ڀريل رهي ٿو. هتي معصوم ٻارڙا جيڪي گل جيان ٽڙيل ۽ مهڪيل هوندا آهن سي به محفوظ ناهن. اسان جي پياري ۽ امن واري ملڪ جو امن تباهه ٿيندو وڃي پر افسوس جو اهڙا وحشي قاتل جلد ئي پئسي ۽ پاور جي زور تي آزاد ٿي وڃن ٿا ۽ شريف ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿيندو وڃي. اسان جي امن واري ڌرتي تي وحشت جي باھ ٻاريندڙ وحشين کي سرعام ڦاسي جي سزا ٻڌائي وڃي ته جيئن ٻين کي اهڙي جرم ڪرڻ جي جرئت ئي نه ٿئي. جيڪڏهن اڃان تائين به اهڙن وحشي جوابدارن لاءِ قانون سخت نه ڪيو ويو ته آهستي آهستي هي سڄي ملڪ جي معصوم ٻارڙن ۽ نياڻين جي زندگين کي ڳڙڪائي ويندا. امن کي ائين تباهه ڪندا رهندا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گذارش آهي ته اهڙن واقعن کي روڪيو وڃي.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول

احساس ڪفالت جي ڪٽوتي ڪير بند ڪرائيندو؟
ڪريم بخش کوسو ۾ احساس ڪفالت سينٽر ۾ مستحقن جي وظيفي مان سرعام ڪٽوتي ڪري رهيو آھي، جڏھن پنج سئو بدران هزار روپيا ڪئي پئي وڃي جڏھن پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو وڃي ٿو ته اڌ ايجنٽ ۽ اسان کائيندا آھيون. اڌ پوليس کي ڏيندا آھيون. اسان کي ڪير ڪجھه نٿو ڪري سگهي. اسان هر ڪنهن کي پيسا ڏيندا آھيون، جڏھن اسان انتظاميا کي پيسا ڏينداسين ته پوءِ ڪٽوتي به ڪنداسين. اهو ڪٿان جو انصاف آهي. سرڪار مستحق عورتن لاءِ 12 هزار رپيا اماڻي ٿي ته پوءِ انهن کي پورا پيسا ڏنا وڃن، ڪٽوتي ڇو ٿي ڪئي وڃي. عورتن ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ڊي سي جيڪب آباد کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

ڳوٺ ناٺياڻي جو عوام اڄ به بنيادي سھولتن لاءِ پريشان
ڳوٺ يوسي ناٺياڻي  تعلقي دوڙ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 2000  آبادتي رکندڙ تمام وڏو ڳوٺ آھي، هن ڳوٺ ۾ روڊ رستن جي نه ھُئڻ ڪري ڳوٺ جي ماڻھن کي تمام گھڻين ڏُکيائين ۽ مشڪلاتن جو منھن ڏسڻون پوي ٿو. ان سان گڏوگڏ ڳوٺ جي گندي پاڻي جي نيڪال جون ناليون نه ھجڻ ڪري پاڻي ڪچن رستن تي اچيو وڃي، تنھن ڪر اچ وڃ ۾ به تمام گھڻي ڏُکيائي پيش اچي ٿي. پورو ڳوٺ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ووٽر آھي پر اليڪشن کان پوءِ ايم پي اي، ايم اين ايز، ڳوليو ڪونٿا لڀن…!  ڳوٺ يوسي ناٺياڻي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪا سھولت موجود ناھي، جنھن ڪري ڳوٺ جو عوام ڳوٺ کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري موجود نلڪن مان گڏھ گاڏن،  ڦٽا گاڏن ۽ موٽرساڪلن تي ھرروز پاڻي ڀري تمام گھڻي تڪليف کي منھن ڏين ٿا… حڪومت ڪجھه غور ڪري ٻيو ته ٺهيو پر  بنيادي سھولتن لاءِ عوام کي پريشان ته نه ڪري… 
يونس ڪيريو / دوڙ ضلعو شھيد بينظير آباد

هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون…!
اڪثر ننڍپڻ ۾ ماڻهن جي واتان ٻڌندو هيس تـ جيڪو ڏاڍو سو گابو …! يا وري اميرن لاءِ هڪڙو قانون ۽ غريبن لاءِ وري ٻيو، پر جڏهن شعور واري ڏاڪي تي پهتس ته خبر پئي ته قانون ته قانون هوندو آهي. قانون واري ڪتاب جي جلد تي اهو ڪونه لکيل هوندو آهي ته هي قانون جو ڪتاب صرف امير ئي خريد ڪري سگهي ٿو يا وري هن تي لکيل قانون صرف اميرن لاءِ آهن. باقي غريبن لاءِ ٻيو ڪتاب ڇاپينداسين. ملڪ ۾ جڏهن غريبن، بي پهچ ماڻهن سان ناانصافي ٿيندي آهي ته سندن واتان ازخود اهڙا لفظ نڪرندا آهن. هتي هي تفصيلي مثال ان ڪري لکي رهيو آهيان جو هڪ طرف حڪومت طرفان ڪورونا وبا جي ٽين لهر سبب سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا  27 اپريل کان 17 مئي تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، ۽ ته وري ساڳئي ڏينهن تي پوري ملڪ ۾ او ليول جا امتحان پنهنجي شيڊول مطابق ٿي رهيا هئا. جيتوڻيڪ ڪالهه اهو فيصلو واپس وٺندي سمورا متحان ملتوي ڪيا ويا آهن پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪيڏي نه ناانصافي آهي انهن شاگردن سان جن جا ڪورس اڌ ۾ رهيا پيا آهن ۽ سندن امتحانن ۾ پڻ ٿورو ٽائيم بچيو آهي. حڪومت سندن مستقبل سان کيڏندي سندن لاءِ تعليمي ادارن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. کين گهرجي ها ته اهي ايس او پي ايز تحت ادارن کي  هلائين ها. جڏهن اهي شاگرد پنهنجن اکين سان ٻين شاگردن کي امتحان ڏيندي ڏسندا ته ان وقت سندن ڪيفيت ڪهڙي هوندي.؟ ان جو اندازو اهي ئي ڪري سگهن ٿا. هڪ استاد ۽ معاشري جي باشعور فرد هئڻ جي ناتي مان سنڌ جي وزير اعليٰ ۽ تعليم جي وزير کي اهيو عرض ڪندس تـ عيد الفطر کانپوء جلد تعليمي ادارن کي ايس او پي ايز تحت کوليو وڃي ۽ پرائمري کان وٺي ڪاليج سطح جا امتحان منعقد ڪرائي مستقبل جي معمارن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
عبدالستار کوکر/ ڪنب

ملڪ ۾ وڌندڙ ڏاڍايون ۽ حڪومتي بيان!‎
ڪجھ ڏينھن اڳ وزيراعظم عمران خان ڳالھ ڪئي ھئي ته، ملڪ ۾ عورتن سان وڌندڙ ڏاڍين جي واقعن جو سبب عورتن جي بي پردگي آھي. پر، اسلامي جمھوريه پاڪستان جو وزيراعظم صاحب شايد ان ڳالھه کان اڻواقف آھي ته، ھتي سنڌ ۾ انھن معصوم نياڻين ۽ ڇوڪرن سان به ڏاڍايون پيش اينديون آھن، جن کي اڃان زنده رھڻ جو ڍنگ ناھي ايندو، جن کي خود ڪپڙا پائڻ يا جسم ڍڪڻ جي اڃان صحيح طرح  خبر ناھي هوندي. جن جي عمر چار پنج سال ھجي انھن معصومن نياڻين يا ڇوڪرن کي دنيا يا پردي جي ڪھڙي خبر؟ پر، انسان جي روپ ۾ بگڙ انھن کي به بخش نٿا ڪن. مڃون ٿا ته فيشن ايبل دؤر ۾ عورتون جيڪي ڪپڙا پائين ٿيون، اھي مسلم ملڪن جي بلڪل به توھين ۽ ابتڙ آھن، پر، وزيراعظم جي ڪيل ڳالھه به ڪھڙي درست آھي؟ جو وحشين کي سزا ڏيڻ بدران ويتر ڄڻ انھن کي آٿت ملي وڃي.  ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڏاڍاين جا واقعا ھر روز نه ته ھر ٻئي روز رپورٽ ٿيندا رھن ٿا ۽ ڪافي اھڙيون خبرون جيڪي ميڊيا تائين رپورٽ ئي ناھن ٿينديون. جن کي روايتي طور حل ڪيو ويندو آھي. پر، ھيل تائين ڪنھن به وحشي ماڻھو کي پڪڙي انکي مڪمل سزا ملندي ڏسڻ ۾ ناھي آھي، ته جيئن عورتن، توڙي ٻارڙن سان پيش ايندڙ ڏاڍين ۾ ڪا گھٽتائي اچي سگھي.
رياض امر ٻجورو/سجاول
پوليس، رينجرز، فوج، ڊاڪٽرن سان گڏ مڪاني کاتي جي عملي کي ڊيوٽين تي لڳايو وڃي

ڪورونا وائرس سبب سڀني سرڪاري آفيسن ۾ سرڪاري ملازمن کي پڻ گهرن ۾ رهڻ جو حڪم ڪيو ويو آھي. صرف 20 سيڪڙو ملازمن کي حاضري جو پابند بنايو ويو آھي، جيئن اسڪولن ۾ هيڊماسترن تي ڇڏيو ويو آھي ته جن به استادن کي حاضري لاء گهرائين. ائين مختلف آفيسن ۾ پڻ آفيسن جي انچارجن کي حاضر رهڻ جو چيو ويو آھي پر پوليس کاتي، ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ پئراميڊيڪل جي اسٽاف جون ڊيوٽيون اڳ کان به وڌيڪ سخت ٿي ويون آھن. ڇاڪاڻ ته هن بيماري سبب مريضن ۾ واڌ ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي ۽ اسپتالن تي دٻاء وڌي ويو آھي. ان سلسلي ۾ مڪاني ادارن جو عملو جنهن جو ڪم آھي شھرن،ڳوٺن جي صفائي ڪرڻ، پر اهي پنهنجو ڪم صحيح نموني بلڪل به نه پيا ڪن روزانو ھر شھر ۽ ڳوٺن مان گندگي جون شڪايتون هڪ عام معمول بڻيل آھن، شھرن جا مين چؤنڪ روڊ رستن تي هر وقت گندو پاڻي بيٺل نظر ٿو اچي. ان ڪري اسان جو مطالبو آھي ته سنڌ ۾ ڪورونا جي سلسلي ۾ پوليس، رينجرز، ڊاڪٽرن ۽ فوج سان گڏ ميونسپل، ٽائون ۽ يوسي عملي کي ڊيوٽيءَ تي لڳايو وڃي ته جيئن ميونسپل، ٽائون ۽ يوسي عملو لاڪ ڊائون ۾ خالي پيل روڊ رستن ۽ گھٽين جي صفائي ڪن ۽ ڪچرو کڻن .
محمد خالد ميمڻ/ڦل شهر

صحت کاتي نوشھرو فيروز جي برطرف ملازمن کي انصاف ڪڏھن ملندو؟
صحت کاتي ۾ ھڪ طرف اھي دانھون پيون ٻڌڻ ۾ اچن ته اسپتالن ۾ ملازمن جي شديد کوٽ آهي، جنهن سبب مسئلا پيش اچي رھيا آھن، ته ٻئي طرف بنا ڪنھن ڏوھ جي صحت کاتي ۾ 9 سالن کان ڪم ڪندڙ 75 پڪن ملازمن کي اھو چئي برطرف ڪيو ويو ته توھان جي ڀرتي غير قانوني آھي. انھن ملازمن ۾ ٽئڪنيشن، ڊسپينسرز، پٽيوالا ۽ مڊوائيفون شامل آھن جيڪي پيراميڊيڪل اسٽاف جي زمري ۾ اچن ٿا. ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اھي غير قانوني آھن ته انھن کي ڀرتي ڇو ڪيو ويو؟ جيڪڏھن ان وقت جي ڊي ايڇ او کان ڀرتيءَ ۾ ڪي ڪوتاھيون ٿيون آھن ته انھن جي سزا ملازمن کي ڇو ڏني ويئي آھي؟ انھن ملازمن ته قانون جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون آھن ته پوءِ بنا ڪنھن نوٽيس جي انھن کي نوڪريءَ کان فارغ ڪرڻ پٺيان يقينن صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي نااھلي ۽ ذاتي رنجش ئي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري چيف جسٽس آف سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي محتسب اعليٰ ۽ چيئرمين ھيومن رائيٽس کي اپيل ٿي ڪجي ته صحت کاتي نوشھروفيروز جي برطرف ڪيل 75 ننڍن ملازمن کي في الفور انساني ھمدرديءَ جي بنياد تي بحال ڪري کين پريشانيءَ کان بچايو وڃي ڇوته صحت کاتي جي نااھل بيوروڪريٽ رڳو 75 فردن جي نه بلڪه 75 گهرن جي ٻرندڙ چلھه وسائي ڇڏي آھي. انھن جو اولاد بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پيو آھي. برطرف ڪيل ملازم نفسياتي مريض بڻجي ويا آھن انڪري کين انساني ھمدرديءَ جي بنياد تي بحال ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن ھُو پنھنجي ڊيوٽي ڪري پنھنجن ٻچن سان خوشحال زندگي گذاري سگهن.
اعجاز ممنائي/ نوشھرو فيروز

ڪھاڻي
لڙڪ (قسط01)

رات جا تقريباً ٻارھن ٿي رھيا ھئا “پَوَن” پنهنجي روزمرھ جي پڙهائي ڪري موبائل جي ڊيٽا آن ڪري ٿو.
“شبنم” جيڪا پَوَن جي انتظار ۾ روز جيان جاڳي پئي…
“پون” کي واٽس ايپ تي آن لائين  ڏسي “شبنم” ميسج ڪري ٿي.
پڙھائي ڪري ڇڏيُئي؟ شبنم پڇيو
ھا پڙهائي ڪري ھينئر آن لائين  آيس، اوچتو تنهنجو ميسج آيو : پون چيو.
ھنه هن… …………..تنهنجي ئي انتظار ۾ ڄاڳيس پي.. شبنم وراڻيو
ھڪ ڳالهه پڇان…؟ پون چوي ٿو
ھا پڇ…
“محبت” لفظ ٻڌو اٿئي؟ پون پڇيو
ھا ٻڌو آهي …. شبنم جواب ڏنو.
ڇا ٿيندي آهي “محبت”؟
“محبت” کي ته ھر ماڻهوَ پنهنجي  نظر سان ڏسي ٿو پر منهنجي نظر ۾  ڪنهن شخص جي لاء ذات پات اوچ نيچ نسل رنگ جي مت ڀيڌ جي  تصور کان مٿي ٿي ڪري ڪنهن جي لاءِ پنهنجي دل ۾  احساس رکڻ جو نالو “محبت” آهي. شبنم چيو.
شبنم جي اھڙي جواب ٻڌڻ کان پوءِ “پون”  وري سوال ڪري ٿو.
ڇا توکي “محبت” تي يقين آهي ؟
شبنم ڪجهه دير خاموش رھي ٿي، مون پڇيو ڇا توکي “محبت” تي يقين آهي ؟
ڏس ‘پون’ پھرين ڳالهه ته پنهنجي سوال کي درست ڪر، محبت اھڙي شيِءِ ناهي جنهن تي يقين نه ڪجي. اھو ته محبت ڪرڻ واري تي ھوندو آهي ته ھو ھن پاڪيزه رشتي جو ڪيترو ڀرم رکي ٿو. رھي ڳالهه يقين جي ته مان اھو چونديس ته مونکي محبت تي يقين آهي پر حالتن ڪجهه ائين ڪري ڇڏيو آهي جو آئون راءِ جو حق نٿي  رکي سگھان، ان جا به ڪجهه سبب آهن.” پون” جي ٻيھر سوال ڪرڻ تي شبنم وراڻيو.

شبنم جي اھڙي تفصيلي جواب کان پوءِ پون وري ھڪ نئون سوال پڇي ٿو)
ڇا تو “حوس” لفظ ٻڌو آهي ؟
ھا ٻڌو آهي . شبنم چيو.
“حوس” ڇا کي چئبو آهي ؟
پون جي ان سوال تي ٿوري دير کان پوءِ شبنم جو ميسج اچي ٿو.
جنسي خواھشن کي پورو ڪرڻ کي “حوس” چوندا آهن .
ڇا حوس ۽ محبت جو پاڻ ۾ ڪو تعلق آهي ؟ پون وري سوال مٿان سوال ڪيو
شبنم ان سوال تي حيرت وارو اسٽيڪر موڪلڻ کان پوءِ ھڪ ميسج ڪري ٿي.
ڏس ‘پون’  “محبت” ۽ “حوس” ۾  زمين آسمان جو فرق آهي. ٻئي ھڪ ٻئي جو ضد آهن “محبت” روح سان ٿيندي آهي جڏهن ته “حوس” جسم تائين محدود هجي ٿي.”
پون جي سوالن جو سلسلو جاري رهي ٿو ۽ ھڪ وڌيڪ سوال ڪرڻ تي دل ڪري ٿي ته شبنم جو ميسج اچي ٿو.
“پون رات اڌ کان به وڌيڪ گذري وئي آهي ھن مھل اڍائي ٿيـن پيا، ھاڻ پاڻ کي سمھڻ گهر جيok Good Night
ٻڌ………..
او ھيلو…..
منهنجي ڳالهه ته ٻڌ منهنجا سوال اڃان ختم ناھن ٿيا……شبنم …ٻڌ…شبنـــــــم….ش….ش…
پَون چوندو رهي ٿو ۽ شبنم آف لائين ٿي وڃي ٿي. پون وري سم تي ميسج ڪري  شبنم کي آن لائين اچڻ جو چوي ٿو.
ھا ٻڌا ڇا ٿو چوين؟ شبنم وري آن لائين  اچي پڇيو.
ھڪ سوال پڇان….؟ پون ميسج ڪيو…
ھا جلدي پڇ، مونکي ننڊ ٿي اچي…. شبنم جوابي ميسيج ڪيو.
ڇا توکي………….پون اڌورو ميسج ڪري ٿو
ھا مونکي ڇا….اڳتي ٻڌا…. شبنم اڌوري ميسج جو پڇيو.
ڇا توکي مونسان………..
ڇا توکي مونسان……؟ ……ڳالهه ڪر، ننڊ ٿي اچي
ڇا توکي مونسان مح………………
ڏس پون مونکي تنگ نه ڪر، ننڊ ٿي اچي، جلدي ٻڌا نه ته ok byeee
پون جي اڌوري ميسجن تي شبنم تنگ ٿيندي good by لکيو.
مون چيو پئي ته…………………….
ڇا تو چيو پي ھاڻ ٻڌا ب………. شبنم پون جي اڌورن سوالن تي چڙندي چيو.
مون چيو پئي ته ڇا توکي مونسان “محبت” آهي ؟
اهو سوال ٻڌندي ئي شبنم خاموش ٿي وڃي ٿي، سندس ڪوبه جواب نٿو اچي
مون ڇا پڇيو جواب ڏي؟ پون وري ميسج ڪري ٿو.
” ڏس پون مان تنهنجي فقط دوست آھيان ۽ ھي محبت وغيره ڪجهه به ناهي. ڪڏهن اھو پنهنجي ذھن ۾ تصور به آڻجان ته مان توسان ڪڏهن محبت ڪنديس. شبنم پون جي محبت کان انڪار ڪندي اھو ميسج ڪري ٿي.
پون ھڪ ٻيو وري ھڪ ٻيو ميسج ڪري ٿو.
پوء اھو سڀ ايترا ڏينهن ڪونه ٻڌايو ؟
ڇا مطلب ايترا ڏينهن  ڪونه ٻڌايو!!!!!!!!!!! شبنم سواليه  انداز ۾ پڇي ٿي.
پوءِ ھي سڀ ڪچھريون  ڪرڻ ھي سڀ  ھڪ دوکو ھو؟ پون اداسي واري اسٽائيڪر سان گڏ ميسج ڪري ٿو.
“ڏس “پون” توسان ھڪ ڳالهه واضح ٿي ڪيان ته منهنجي محبت تون ناھين ڪو ٻيو آهي! اھو ئي منهنجي پھرين ۽ آخري محبت آهي. ان کان علاوه ڪنهن سان محبت جو سوچي نٿي سگھان ۽ جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ ڪا غلط فھمي آهي ته اهو تنهنجو مسئلو هوندو. شبنم سالن جي لڪايل راز تان پردو کڻي ٿي. اهو ٻڌي پون کي چڪر اچڻ لڳن ٿا. اکين جي سامھون ڌنڌ ڇانئجي وڃيس ٿي…ڪافي دير خاموش رھي ٿو، ڪو به ميسج نٿو ڪري. پون خاموش رھي ٿو.
اوچتو  وري “شبنم” جو ھڪ ٻيو ميسج اچي ٿو. “منهنجي محبت ڳوٺ ۾ ھڪ ڇوڪري سان آهي، اھو بچپن کان منهنجو دوست ھو ۽ دوستي محبت جو روپ اختيار ڪري وئي بھتر ٿيندو تون پنهنجي من ۾ موجود وھم کي مٽائي ڇڏ. تون سمجھين ٿو ته تنهنجي منزل آئون آھيان پر منهنجي منزل “منير” آهي صرف “منير”..
پون ڪجهه لکڻ چاھي ٿو پر ڪي بورڊ تي آڱريون ھلڻ کان انڪاري ٿي ٿيون وڃن..
پون کي ڪي بورڊ تي پنهنجيون آڱريون ٿڙڪندي محسوس ٿين ٿيو ۽ ڏسي ٿو ته اسڪري تي ھڪـ “”لڙڪ” پيل آهي 
ھڪ لڙڪ ٻيو لڙڪ، ٽيون لڙڪ….. .  ائين سڄي اسڪريـن لڙڪن سان ڀرجي ٿي وڃي. ھٿن مان موبائيل ڇڏائجي وڃي ٿو ۽ “پون” پاڻ کي بيڊ تي ڪرندي محسوس ڪري ٿو….. پون…
پون … ٻڌ… ڇا ٿيو …؟ جواب ته ڏي…….
شبنم ميسج ڪري ٿي پر ڪو جواب نٿو ملي (هلندڙ)
پرڪاش روپچند / ڪنري