نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ 7 ڄڻا زخمي  ٿي  پيا، جن مان 5 ڄڻا نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيا ويا. ان ڏس ۾ مال پڙي وٽ نواب شاهه کان حيدرآباد ويندڙ مسافر بس اڳيان ويندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي موٽر سائيڪل سوار مولابخش پٽ صادق ڳاهوٺي راول پٽ مجنون ڳاهوٺي ۽ علي اڪبر پٽ محمد صادق ڳاهوٺي سڀ ويٺل ڳوٺ جادو ڳاهوٺي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد ۾ فوري طبي امداد ڏيئي وڌيڪ علاج لاءِ نواب شاهه منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف نيوسعيدآباد ويجھو ڪميجا شاخ وٽ ڦٽو چنگچي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر  جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا راجهن بوزدار، گلاب بوزدار، علي گوهر ۽ منور سولنگي  سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي نيوسعيدآباد تعلقي اسپتال ۾ آندو ويو، جتي طبي امداد بعد نازڪ حالت  ھجڻ جي ڪري ٻن ڄڻن علي گوھر ۽ منور سولنگي کي نواب شاھ منتقل ڪيو ويو.