لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر کي چونڊيل نمائندن وساري ڇڏيو، پ پ جي 13 سال دور ئي حڪومت ۾ شھر ترقياتي ڪم توڙي اسپتالن جون حالتون بهتر نه ٿي سگهيون نه ئي شھر ۾ مٺي پاڻي لاءِ آرو پلانٽ نه لڳي سگهيا.سچل ڪالوني، وڪيل ڪالوني، ڀينس ڪالوني، نظر محلا، چانڊڪا پل سميت مختلف محلن جو جر کارو ٿي ويو. رهواسي زهريلو پاڻي پيئڻ لڳا، جڏهن ته بلدياتي نظام ۾ مختلف پارٽين جا چونڊيل نمائندا ۽ شھر کي بهتر بڻائڻ جي دعوا ڪندڙن به شھر کي ترقي نه وٺرائي سگهيا جنهن ڪري شھر جا ڪيترائي محلا يار محمد ڪالوني، ڀينس ڪالوني، الهه آباد، پير زاده ڪالوني سميت ٻيا علائقا بنيادي سهولتن کان محروم آهن.ان  سلسلي ۾ شھر جي سڄاڻ ڌرين عوامي شھري اتحاد جي صدر اياز حسين جعفري، عبدالصمد ابڙو، نظر محمد مڱريو، عبدالحليم شيخ جو چوڻ ھو ته لاڙڪاڻي شھر جي اربين رپيا بجيٽ ھئڻ باوجود به ڪيترن ئي علائقن ۾ بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون نه ئي اسپتالن ۾ بهتر علاج جون سهولتون موجود آھن جنهن ڪري رهواسي اذيتن ۾ گذاري رهيا آھي. هنن جو وڌيڪ چوڻ ھو لاڙڪاڻي شھر جي جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آھي جيڪو پيئڻ لائق نه رهيو آھي، امير ماڻھو ته مختلف ڪمپنين جو پاڻي واپرائن ٿا غريب طبقو زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويو آهي.هنن بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته تنهنجي ناني شھيد ذوالفقار ڀٽو ۽ تنهنجي امڙ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جو شهر آھي انکي بهتر بڻائي غريب عوام تي رحم ڪر بنيادي سهولتن سان گڏ آرو پلانٽ لڳايا وڃن ته جيئن زهريلي پاڻي پيئڻ کان بچي سگهجي، پ پ ڪيترائي سال اقتدار ۾ ھئڻ بعد لاڙڪاڻي جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا.هوڏانهن پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر احمد خان ابڙو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻي شھر جو جر 60% سيڪڙو کان وڌيڪ کارو ٿي ويو آھي انجو اهو به چوڻ ھو ته سرڪار پاران اسٽيڊي ڪئي پئي وڃي جلد ان پراجيڪٽ جي فزيبلٽي تيار ڪئي ويندي هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته لاڙڪاڻي شھر جي آبادي وڌيڪ هجڻ ڪري وڏو آرو پلانٽ لڳڻ گهرجي ته جيئن شھر جو پورائو ٿي سگهي جڏنهن ته هن وقت 13 آرو پلانٽ لڳل آھن جيڪي نه هجڻ برابر آھن جن کي ايمرجنسي طورتي سرڪاري ادارن يا جتي پاڻي گهڻو خراب آھي اتي لڳايا ويا آھن.ٻئي طرف شھر جي ماهر ڊاڪٽرن جر جي کاري پاڻي کي هاڃيڪار قرار ڏيندي چيو آھي ته  کارو پاڻي واپرائڻ سان مختلف بيماريون ڪامڻ گڙدن ڊائريا، چمڙي دماغ سميت مختلف بيماريون پئدا ٿين ٿيون جيڪي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آھن.