خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مهر ويجهو بجليءَ جي ڪرنٽ ۾ زخمي ٿيل نينگر  فوت ٿي ويو. خبر موجب خانپور مهر لڳ ڳوٺ سونو پتافيءَ ۾ 4 ڏينھن اڳ بجليءَ جي پول تان تارون ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر ياسين علي لوهار سخت زخمي ٿي پيو هو، ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي نينگر ياسين علي لوهار کي وارث گمبٽ اسپتال کڻائي ويا هئا، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. هوڏانهن نينگر جو مڙھ گمبٽ کان سندس ڳوٺ آندو ويو. فوتي نينگر جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.