اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هوابازي واري اڳوڻي صلاحڪار شجاعت عظيم کي نيب ۽ سپريم ڪورٽ مان وڏو رليف ملي ويو. نيب شجاعت عظيم خلاف هلندڙ ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي آهي. نيب عدالت ۾ ڪارروائي ختم ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جمع ڪرايو. نيب جي رپورٽ جي بنياد تي سپريم ڪورٽ پي آءِ اي نجڪاري ڪيس مان شجاعت عظيم جو نالو خارج ڪري ڇڏيو، جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ۾ قومي ايئر لائين ۾ ڀرتين جي اجازت ڏيڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته شجاعت عظيم پهرين 2013ع ۽ پوءِ 2014ع کان 2017ع تائين هوابازي جو صلاحڪار هو. شجاعت عظيم ايوي ايشن جي صلاحڪار طور ڪا به پگهار يا مراعتون نه ورتيون.  ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ پي آءِ اي ۾ 250 کان وڌيڪ ڀرتيون ڪرڻ جا سبب پڇا ڪندي چيو ته پي آءِ اي وٽ اڳ ئي گهربل ملازمن کان وڌيڪ ملازم آهن پوءِ وڌيڪ ڀرتين جي ضرورت ڇو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پي آءِ اي جا ملازم پرڏيهه ۾ به آهن. تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي ويندي ته وڌيڪ ڀرتين جي ضرورت ڇو آهي. پي آءِ اي حڪومت کان هر سال 40 ملين ڊالر گهري رهي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.