رياض(م ڊ) هڪ تازي سروي ۾ 77 لکماڻهن سعودي شهزادي محمد بن سلمان کي عرب دنيا جو بااثر ترين ليڊر قرار ڏنو آهي. رپورٽس موجب هڪ سروي ۾ 2022 جي عرب دنيا جي مشهور ۽ بااثر اڳواڻ جو نالو پڇيو ويو هو. سروي ۾ 63 سيڪڙو ماڻهن سعودي جي شهزادي محمد بن سلمان جو نالو کنيو. سروي ۾ 77 لک ماڻهن شهزادي محمد بن سلمان کي ووٽ ڏنو جڏهن ته ٻئي نمبر تي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد ريو ۽ ٽين نمبر تي مصر جو صدر عبدالفتاح السيسي کي عرب دنيا جو بااثر ليڊر قرار ڏنو ويو.