نيب چيئرمين کي چئو ته جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪري وٺو:سنڌ ھاءِ ڪورٽ

0
334
سنڌ هاءِ ڪورٽ: 6 ماڻهن

ڪراچي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ هڪ مهيني جي مهلت ڏيون ٿا، نيب چيئرمين کي چئو ته جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪري وٺو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ خلاف انڪوائري تي هڪ مهيني ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

 منظور وساڻ جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب چيئرمين انڪوائري بند ڪرڻ جي موڊ ۾ نه آهي، منظور وساڻ خلاف جاچ جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

عدالت منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ 4 نومبر تائين واڌ ڪندي نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.