فيس بڪ جي بندش سان زڪر برگ کي ڪيترو نقصان ٿيو ؟

0
299
فيس بڪ جي بندش سان

ڪراچي(م ڊ) سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشنز جي ڪجهه ڪلاڪن جي بندش کانپوءِ فيس بڪ جي مالڪ مارڪ زڪر برگ جي ذاتي ملڪيت ۾ 6 بلين ڊالرز کان وڌيڪ گهٽ ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪجهه ڪلاڪن دوران اثاثن ۾ 6 بلين ڊالرز جي ڪمي کانپوءِ مارڪ زڪر برگ دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ هڪ درجو هيٺ ٿي ويو.

رپورٽ موجب گذريل ڏينهن اسٽاڪ سلائيڊ تي مارڪ زڪر برگ جي اثاثن جي ماليت 6. 121 کان گهٽ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي پيش نظر مارڪ زڪر برگ بلوم برگ بلينرز انڊيڪس ۾ مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس کان هڪ درجو گهٽ يعني 5 نمبر تي اچي ويو.

واضح رهي ته گذريل رات 8 وڳي کانپوءِ فيس بڪ جي سروسز بند ٿي هئي، جيڪا ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ بحال ٿي وئي آهي.