بااثر جي مال پڙيءَ تي ڇاپو، وائلڊ لائيف کاتي جا 5 عملدار گرفتار

0
232

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) چمبڙ پوليس مال پڙيءَ ۾ پکين جي غيرقانوني وڪري خلاف ڪارروائي ڪندڙ وائيلڊ لائيف کاتي جي ٽيم تي ڏمرجي پئي، پوليس وائيلڊ لائيف کاتي جي ٻن انسپيڪٽرز سوڌو 5 عملدارن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آھي.

 گرفتار ٿيلن ۾ انسپيڪٽر اعجاز نوداڻي، انسپيڪٽر  خدا ڏنو شاهه، غلام علي ڇلگري، طالب حاجاڻو ۽ مدن لال شامل، پوليس سرڪاري گاڏيون به تحويل ۾ وٺي ڇڏيون.

 وائيلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته مال پڙي ۾ پکين جي غيرقانوني وڪري خلاف ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران پکي هٿ ڪيا پر جوابدار فرار ٿي ويا، چمبڙ پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري زيادتي ڪئي آهي.

ياد رھي تھ چمبڙ ۾ وائيلڊ لائف کاتي پاران غير قانوني طور وڪرو ٿيندڙ پکين خلاف ڪاروائي ڪري 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 وائيلڊ لائف انسپيڪٽر اعجاز نونداڻي جي اڳواڻي ۾  حيدرآباد انسپيڪٽر سيد خداڏنو شاهه، ٽنڊوالهيار ۽ مٽياري جي عملدارن ڪاروائي ڪئي وئي.

ڪاروائي دوران هڪ جوڙي مور، هڪ جوڙي تتر، هڪ جوڙي ساوا رنگ جا طوطا هٿ ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 ناميٽ ٻڌايا ويا آھن.

انسپيڪٽر اعجاز نونداڻي جو چوڻ آهي ته اسان وڌيڪ ڪارروائي وائيلڊ  لائف او آر فوجي دفتر ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪنداسين.

جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي وائيلڊ لائف کاتي پاران ميڊيا آڏو آڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه جوابدارن کي ڇڏيو به ويو آهي.