اسلام آباد( بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي نائب صدر فواد چوڌري نواز شريف ۽ عمران خان وچم ڳجهن رابطن جي ترديد ڪندي چيو آھي ته نواز شريف يا ان جي ڪنهن نمائندي سان ڳجهو رابطو يا ملاقات نه ٿي آهي، ڳجهن رابطن جون ڳالهيون افواهه آهن، هن چيو ته عمران خان حقيقي آزادي جي بي مثال تحريڪ جي قيادت ڪري رهيو آھي، چونڊ جي تاريخ جو باضابطه طور اعلان ٿيڻ کانسواءِ ڪنهن ڳجهي يا اڻ اعلانيل ڳالهين جو حصو نه ٿيندا سين.