اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل اعتراف ڪندي چيو آهي ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، قوم کي پراڻا طور طريقا ڇڏي پنهنجن وسيلن ۾ رهڻو پوندو، آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي 47 ورهين جي بلند ترين سطح تي هلي رهي آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ معيشت جي  شرح 3.5 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته مهانگائي پنهنجي عروج جي ويجهو آهي، جيڪي هلندڙ مالي سال سراسري 15 سيڪڙو رهندي، ملڪ ۾ درآمدي ادائيگين کي ڊالر جي آمد جي برابر هجڻ گھرجي. مفتاح اسماعيل چيو ته جيڪڏهن مون وٽ ڊالر محدود آهن ته آئون انهن مان ڪڻڪ ۽ کاڌي جون شيون وٺندس. هن وڌيڪ چيو ته هن صورتحال ۾ اسان لگزري آئٽمز جي خريداري کي ملتوي ڪري سگھون ٿا، لگزري آئٽمز جي درآمد تي پابنديون 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهي سگھن ٿيون. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو اهو به چوڻ هو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن مان گذارو ڪري، هڪ سال ۾ ڪجهه نه ٿيندو، پر اسان ان جي شروعات ڪري سگھون ٿا.