ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بلوچستان ۾ برساتن جي تباهي کانپوءِ معطل ٿيل گيس جي سپلاءِ بحال ٿي وئي، وزيراعظم سوئي سدرن گيس ڪمپني جي عملي  لاءِ 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ترجمان موجب بلوچستان جي معطل ٿيل سوئي گيس جي سپلاءِ شروع ٿي وئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ گيس فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ بولان ندي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، هن ٽيڪنيڪل ٽيم جي ڪم کي ساراهيو، ترجمان موجب24 انچ واري مين پائيپ لائين برساتي پاڻي ڪري بولان ندي ۾ لڙهي وئي هئي، جنهن جي مرمت جو ڏينهن ۽ رات ڪم جاري رهيو، مقرر ڪيل وقت کان به اڳ مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويو، جنهن بعد گيس جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي.