شيخوپوره (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيز مريم نواز چيو آهي ته جيڪو ليڊر گرفتاري کان ڊڄي کَٽ هيٺان لڪي وڃي ان کي عمران خان چوندا آهن، ليڊر نه چور ۽ ڦورو گرفتاري کان ڊڄندا آهن، شيخوپوره ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مون ڪڏهن سياسي ليڊر کي گرفتاري جي خوف کان لِڪندي ناهي ڏٺو، نواز شريف لنڊن مان شينهن وانگر گرفتاري ڏيڻ آيو هو، هن ڪارڪنن کي ڏنڊا کائڻ لاءِ نه ڇڏيو، جيڪو تڪليفن کان ڊڄي، ان کي ليڊر نه گدڙ چوندا آهن، ڇا نواز شريف تي برو وقت آيو ته هو لڪي ويو؟ هو پنهنجي گهرواري کي بيماري جي بستري تي ڇڏي آيو پر نواز شريف جي ڪيس جو فيصلو سهولتڪار اڳ ئي ڪري چڪا هئا، نواز شريف ڪا چوري نه ڪئي هئي. مريم نواز چيو ته عمران خان چئي ٿو ته مريم نواز کي جلسي جي اجازت آهي، آئون هن کان پڇان ٿي ته ڇا توهان مون کي اها آزادي پليٽ ۾ رکي ڏني هئي؟ مون توهان جي دور ۾ ظلم برداشت ڪيو، توهان ان جو هڪ حصو به برداشت نٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن چور ناهيو ته تلاشي ڇو نٿا ڏيو. هن چيو ته عمران خان کي عدالت گهرائي ٿي ته پلستر واري ڄنگهه ڏيکاري ٿو، ڪالهه توشا خانه ڪيس ۾ عدالت گهرايو ته هن چيو آئون نه ٿو اچي سگهان، منهنجي زندگي کي خطرو آهي پر انهي شام لاهور ۾ ريلي لاءِ نڪري آيو، هي زندگي کي ڪهڙو خطرو آهي، جيڪو عدالت ۾ پيشي سان ٿئي ٿو پر ريلين ۽ جلسن ۾ نه ٿو ٿئي، ڪالهه عمران کي لاهور رد ڪري ڇڏيو، هن جي ننڍڙي ريلي هئي، سڄي لاهور جون گهٽيون ويران هيون عوام نه آيو، لاهور ان ڪري نه نڪتو ته ڪا به ماءُ هاڻ پنهنجو پٽ عمران لاءِ شهيد ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي. نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر جو چوڻ هو ته ظل شاهه ڪيترن ئي هفتن کان عمران جي گهر ٻاهران ويهي سندس حفاطت ڪندو رهيو پر هن ساڻس هٿ به نه ملايو، ظل شاهه ويندي ويندي سڄي قوم کي عمران جو مڪروهه چهرو ڏيکاري ويو، ظل شاهه جو والد ٽي وي تي ويهي چئي رهيو آهي ته منهنجو پٽ شهيد  ٿي ويو، لاش اسپتال ۾ پيو هو ۽ مونکي عمران خان وٽ وٺي ويا، اڍائي ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ بعد عمران چيو ته مونکي اوهان سان افسوس ڪرڻو آهي، مون سمجهيو ته مونکي پٽ جو لاش وٺڻ اسپتال وٺي ويندا. مريم نواز چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار چوي ٿو ته مريم نواز بدتميز ۽ بي ادب آهي پر مريم نواز جي پرورش نوازشريف جهڙي پيءُ ۽ ڪلثوم نواز جهڙي ماءُ ڪئي آهي، مريم نواز نه بدتميز آهي ۽ نه بي ادب آهي، والدين مونکي جابر آڏو حق جو آواز بلند ڪرڻ سيکاريو آهي، ثاقب نثار صاحب مريم نواز نه بدتميزي ڪري رهي آهي ۽ نه وري بي ادبي ڪري رهي آهي، اها صرف اوهان کي توهان جو چهرو آئيني ۾ ڏيکاري رهي آهي، جيڪو ڏسي توهان کي شرم اچي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ناانصافي ٿيندي، انصاف جو ٻٽو معيار هوندو ته مريم نواز ڪڏهن خاموش نه ويهندي، گهرائڻ واري ناهيان،اليڪشن اچڻ واري آهي ۽ نوازشريف جي جماعت اليڪشن وڙهڻ لاءِ نه پر کٽڻ لاءِ ميدان ۾ لهي چڪي آهي، نواز ليگ صرف اليڪشن وڙهندي ۽ کٽيندي نه پر وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، جيستائين نوازشريف سان انصاف نه ٿيندو، تيستائين نواز ليگ اليڪشن نه چاهيندي،  انصاف جا پلڙا برابر ڪريو ۽ صبح جو اليڪشن ڪرايو، نواز ليگ پوءِ به کٽيندي پر اهو نه ٿو ٿئي سگهي ته بيگناهه نوازشريف هاڻ به سزائون ڀوڳي ۽ ٻئي طرف ڏوهاري عمران خان کُلي عام گهمندو وتي، اهڙين حالتن ۾ اليڪشن نه ٿيندي.