لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيز مريم نواز ۽ حمزه شهباز لاهور مان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نواز ليگ ذريعن موجب مريم نواز ۽ حمزه شهباز نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته حمزه شهباز ٻن تڪن تان چونڊ وڙهندو، هو پي پي 146 ۽ پي پي 147 تان چونڊ ۾ حصو وٺندو. حمزه شهباز جي وڪيلن سندس نامزدگي ڪاغذ تيار ڪري ورتا آهن. نواز ليگ اڳواڻ بلال ياسين پي پي 173 مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته مريم نواز کي به ان تڪ مان چونڊ وڙهڻ جي دعوت ڏني آهي، مريم نواز ان تڪ مان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا آهن. واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.