نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ڀرسان ٽي واٽر جي ڳوٺ دلي جان چانڊيو جي رھواسڻ مسمات ثمينه چانڊيو پنھنجي سس مرادان چانڊيو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته نوابشاهه پوليس 3 سال اڳ منھنجي مڙس عمران چانڊيو کي ڦر جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ بعد ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ٽنگ ۾ گولي ھڻي ھاف فراءِ ڪيو ھو جنھن جو ھڪ مھينو اسپتال ۾ علاج ھلڻ بعد ان کي ٻيھر لاڪپ ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته نوابشاهه جي عدالت ۾ ٽي سال ڪيس ھلڻ بعد اڄ منھنجي مڙس تي ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي کيس باعزت بري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نوابشاهه پوليس ٻيھر عدالت جي ٻاهران منھنجي مڙس کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي. ھن چيو ته مزاحمت تي پوليس مونکي ۽ منھنجي سس کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جيڪا اسان سان زيادتي آھي، ھن چيو ته مونکي خدشو آھي ته پوليس منھنجي مڙس کي ٻيھر ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندي. ھن مطالبو ڪيو ته منھنجي مڙس کي بازياب ڪرائي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اسان انصاف ڪيو وڃي.