حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني مان 11 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ پنجون ڀيرو ايس ايس پي ڄامشورو کي 15 ڏينهن اندر جي آءِ ٽي جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. کنڀي گم ڪيل نوجوان سرويچ نوحاڻي جي ڀاءُ سرتاج نوحاڻي پنهنجي وڪيل عرفان خاصخيلي معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن وفاقي گهرو سيڪريٽري، ايف آءِ اي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او ڄامشورو کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪالوني مان نومبر 2020ع دوران سندس ڀاءُ کي وردي پهريل اهلڪارن گهران کنڀيو جنهن جي کنڀجڻ واري واقعي خلاف ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو ويو پر پوليس اڃا تائين سندس ڀاءُ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس راشده اسد جي سربراهي ۾ ڊويزنل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل دليل ڏنا ته عدالتي حڪم تي معاملي بابت پهرين به چار ڀيرا جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون هيون پر انهن به خاطر خواه نتيجا نه ڏنا آهن جڏهن ته واقعي جو ڪيس ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر پوليس کنڀي گم ڪيل نوجوان سرويچ نوحاڻي جي ڳولا لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو نٿي ڪري. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ايف آءِ اي جي ڊي جي کي معاملو ڏسڻو هو پر انهن ان معاملي کي ڏسڻ بدران لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو آهي ان لاءِ هاڻي ٻئي ادارا سرويچ نوحاڻي جي معاملي جي پاڻ جاچ ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائين. عدالت نوجوان جي بازيابي لاءِ پنجون ڀيرو جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.