ٽنڊومستي/ڪوٽڏيجي ( نمائندن وٽان ) ڳوٺ غلام محمد ٿھيم واسي 40 ورھين جو اسڪارپ کاتي ۾ داروغو لياقت علي پٽ حضوربخش ٿھيم روھڙي ڪئنال فال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اکين ڏٺن شاھدن موجب لياقت ٿهيم پنهنجي ڪلھن تان ٽوال لاھي بيراج تي ويٺل فقير کي ڏئي يڪدم پل وٽان ٽپو ڏنو، جنهن کي بعد ۾ اتي ويٺل ماڻهن ٽوال ڏئي بچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر تيز پاڻي جي وھڪري سبب ٻڏي ويو. اھڙي اطلاع تي وارث ۽ مقامي ماڻھو وڏي انگ ۾ روھڙي ڪئنال پل تي پھچي ڳولا ڪئي. ٻئي پاسي وارثن اعليٰ اختيارن کان ڳولھا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي