نوابشاهه: قائد عوام يونيورسٽي ۾ ڇڪتاڻ، پوليس 4 ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو

0
231

نوابشاهه (رپورٽر) نوابشاهه ۾ قائد عوام يونيورسٽي ۾ ڇڪتاڻ، پوليس 4 ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، قائد عوام يونيورسٽي جي  ملازمن جي يونين جي رٿيل اليڪشن روڪرائڻ تان ڇڪتاڻ ٿي، 4 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو

يونيورسٽي انتظاميه شهباز قلندر ۽ سچل سرمست پئنلز جي رٿيل اليڪشن روڪرائڻ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، انتظاميه گيٽ بند ڪرائي پوليس کي طلب ڪري ورتو، ملازمن پاران احتجاج ڪرڻ تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، 4 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو

پوليس پاران ملازمن کي ڌڪا ۽ داٻا ڏيڻ واري وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آهي، يونيورسٽي ملازمن پاران پوليس ۽  انتظاميه خلاف سڪرنڊ نوابشاهه  روڊ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي ڪئي وئي

ملازمن جو چوڻ آهي ته آل يونيورسٽي ايمپلائيز يونين فيڊريشن جي پليٽ فارم تان شھباز قلندر ۽ سچل  سرمست پينلز جي اليڪشن هئي، شهباز پئنل جي صدر شڪيل چانڊيو موجب اليڪشن هر سال ٿيندي آهي، وي سي  يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪري رهيو  آهي

ٻئي پاسي قائدعوام يونيورسٽي ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بابت يونيورسٽي انتظاميه جو موقف سامهون اچي ويو آهي، چيف سيڪيورٽي آفيسر موجب احتجاج ڪندڙ ملازم ھتان جا ناھن،  زبردستي اندر گهڙي اليڪشن ڪرڻ چاهين ٿا

چيف سيڪيورٽي آفيسر موجب ٻاھران آيل ملازم يونيورسٽي آفيسرن کي يرغمال ڪرڻ جي سازش ڪري رھيا  آھن، پمز ، وٽنري ۽ بينظير ڀٽو يونيورسٽي جا  ملازم ماحول خراب ڪرڻ چاهين ٿا

شهباز پئنل جي صدر شڪيل چانڊيو موجب اليڪشن هر سال ٿيندي آهي، وي سي  يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪري رهيو  آهي، اسان ڪيترن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا هئاسين پر ڪنهن به هن طرف ڌيان نه ڏنو