پشاور سانحو: دهشتگرد نيٽ ورڪ جي ويجهو پهچي ويا آهيون: آءِ جي ڪي پي

0
156
پشاور سانحو: دهشتگرد نيٽ

پشاور (ويب ڊيسڪ) آءِ جي خيبر پختونخواهه معظم جاهه انصاري چيو آهي ته پشاور ۾ پوليس آفيسرز ۽ جوانن جي شهادت جو سبب بڻيل دهشتگرد نيٽ ورڪ جي ويجهو پهچي ويا آهيون، آءِ جي پوليس جي حيثيت ۾ مان ۽ منهنجا جوان تڪليف ۾ آهيون

آءِ جي ڪي پي معظم جاهه پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  گذارش ٿو ڪيان ته اسان جي تڪليف ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، اسان کي سمجهيو وڃي، اسان به حساس ماڻهو آهيون، اسان پنهنجي هڪ هڪ شهيد جو بدلو وٺنداسين

مسجد

هن چيو ته سازشي ٿيوريز جي ذريعي منهنجي جوانن کي گمراهه ڪرڻ ۽ هنن کي روڊن تي آڻڻ مان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس، اها سازشي ٿيوري پيش ڪئي وئي ته ڊرون حملو ڪيو ويو آهي

آءِ جي ڪي پي موجب ڪو بارودي مواد ڦاٽڻ جون دعوائون پيو ڪري، اهي سڀ فضول ڳالهيون آهن، پشاور ڌماڪو ڊرون حملو نه پر آپگهاتي بم حملو هو، پوليس آپگهاتي بمبار جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن

مسجد

هن جو چوڻ هو ته سي سي ٽي وي مدد سان آپگهاتي بمبار کي ڳولي ورتو آهي، دهشتگرد پوليس وردي ۾ آيو ان ڪري پوليس سندس جهڙتي نه ورتي وئي هئي

هي به پڙهندا

خيبرپختونخواهه ۾ ڌماڪو ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي: نگران وڏو وزير

باجوه احتساب نه ڪرڻ ڏنو: مان دهشتگردي ۽ مهانگائي جو ذميوار ناهيان، حڪومت ۾ هجان ها ته جوابده هُجان ها: عمران خان

اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي گرفتار ڪري ورتو

شيخ رشيد جي گرفتاري: اسان کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي:عمران خان