نصيرآباد (ن پ ا) گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ لشڪر خان لاشاري مان 15 ڏينهن اڳ کنڀجي ويل نوجوان ياسر حسن لاشاري جي آزادي لاءِ پيءُ مشتاق حسين، امڙ اومان خاتون، گهر واري ناز خاتون ۽ ٻين وارثن قرآن شريف کڻي نصيرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، وارثن چيو ته 15 ڏينهن اڳ نوجوان کي پوليس ۽ ويگو گاڏي ۾ سوار اهلڪار کڻي ويا، نوجوان کي ڪنهن به ٿاڻي تي ظاهر ناهي ڪيو ويو، پريشان آھيون. اسان جي نوجوان جو ڪو ڏوھ آهي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي، ته خدارا اسان جي ٻچڙي کي جلد کان آزاد ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.