ميروخان(ن پ ا ) ميروخان ويجهو ڳوٺ صابو ڪلهوڙو ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ اسرا ايليمنٽري اسڪول جي چوڪيدار ممتاز ديناري کي هٿياربند يرغمال بڻائي ڪمري ۾ بند ڪرڻ بعد 7 ڇت جا پکا، 2 بيٽريون، 2 سولر ۽ هڪ پاڻي وارو موٽر چوري ڪري ويا. صبح جو اسڪول انتظاميا ۽ پوليس پاران پيري ۽ کوجي ڪُتن جي مدد سان چورن جا پيرا کنيا ويا جيڪي اسڪول کان ڪجھ مفاصلي تي ڳوٺ گل ڪلهوڙو ۾ ڳوٺاڻي احمد ڪلهوڙو جي گهر مان لڳا، جتان پوليس ٻن ڄڻن محمد صلاح ۽ انصار ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو.سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي اسڪول ٽيچر زيب گوپانگ جي فرياد تي گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن سميت 7 ڄڻن خلاف چوري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.