ناسور بڻيل ڪرپشن ۽ سرڪاري ملڪيتون

0
353

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

وفاقي توڙي صوبائي ادارن ۾ ڪرپشن ناسور بڻجي چڪي آھي، جنھن کي ڪرپشن نه پر حق سمجهي تسليم ڪيو پيو وڃي، فنانس کاتي ۾ ترقياتي ڪمن جي بجيٽ کان وٺي رٽائرمينٽ، پينشنرز، نئين ڀرتي توڙي ھر قسم جي ڪم لاءِ ريٽ لسٽ مقرر ڪيل آھي، جنھن کان سواءِ ڪم ٿيڻ تمام مشڪل آهي، وفاقي توڙي صوبائي کاتي جي لڳ ڀڳ سمورن ادارن ۾ ساڳي صورتحال آهي. سرڪاري آفيسرن کي عوام جي ٽيڪس مان پگھارون ڏنيون وڃن ٿيون پر اڪثر سڻڀين پوسٽن تي مقرر آفيسرن کي پنھنجي پگھار ۾ ڪا خاص دلچسپي ناھي ھوندي ڇو جو مٿي ڪمائي ايتري ھجي ٿي جو پگھار اڳيان انھن جي اک ئي ناھي ٻڏندي. سنڌ سيڪريٽريٽ متعلق ڄاڻ رکندڙن مان شايد ئي ڪو چوندو ھُجي ته بنا مٺائي جي ڪم ٿيندو آھي. ايئن ناھي ته ڪرپشن جي اِن بازار متعلق اسان جي قابل احترام ذميوارن کي ڄاڻ ناھي کين چڱي ريت ڄاڻ ھجي ٿي. اھڙن عملن سان عوام جو حڪومت توڙي کاتن مٿان جيڪو اعتماد آھي اِھو ڏينھون ڏينھن ختم ٿيندو پيو وڃي، ھر ھنڌ ٻٽو معيار سامھون اچي رھيو آھي پئسن، اثر رسوخ رکندڙن وارن سان ھڪ رويو ۽ بي پھچ عوام جيڪو اصل عزت ۽ تعاون جو حقدار آھي اُنھن سان ٻيو رويو اختيار ڪيو ويندو آھي. جنھن جو ننڍڙو مثال آبپاشي کاتي جي زمينن تي قبضا ھٽائڻ وارن آپريشنز مان وٺي سگھجي ٿو، سکر ۾ قائم گھڻ ماڙ عمارتون جيڪي ڪروڙ پتي ماڻھن جون آھن جن کي پئسو ۽ بااثرن جي طاقت موجود آھي تنھن ڪري اُھي اڄ تائين جيئن جو تيئن پنھنجي جاءِ تي موجود آھن، پر جيڪي بي پھچ ھئا، جن پنھنجي خاندان کي بھتر ڇت ڏيڻ لاءِ جاين جي تعمير ڪئي، ڪجھه ئي منٽن ۾ اُھي جايون جيڪي سالن جي پگھر ۽ محنت سان ٺھيون ھُيون اُھي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون. قائدن موجب جيڪڏھن ڪا غيرقانوني اڏاوت يا ڪالوني اڏيل آھي ته اُتي سرڪاري ڪا به سھولت جھڙوڪ بجلي، گئس، روڊ رستا، پاڻي سميت ڪا به سھولت فراھم نه ڪئي ويندي، پر سکر ۾ غيرقانوني اڏاتون ڄاڻائي ڊاٿل جاين وارن ھنڌن تي بجلي، گئس، روڊن رستن سميت سموريون بنيادي سھولتون ھيون، جيڪڏھن اُھي غيرقانوني رھائش پذير ھئا ته اُن جو ذميوار ڪير آھي؟ پھريان ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، ڀلي اِھو ذميوار ڪي ربه ھجي. آبپاشي کاتي جي زمينن تي ويھارڻ جي مد ۾ پنھنجي ذاتي ملڪيت سمجھي رشوت وٺي انھن کي ويھڻ جي اجازت ڏيندڙ آبپاشي عملدار ھجي يا انھن کي سھولتون ڏيندڙ مختلف کاتن جا آفيسر ھجن، پھريان انھن رشوت خور ۽ پنھنجي ڊيوٽيءَ ۾ غير ذميواري ڪري سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪرائيندڙن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گھرجي ھا پر ايئن ناھي ٿيو، جيڪي ملازم يا آفيسر ڪک پتيءَ مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آھن انھن خلاف ڪا به ڪارروائي ناھي ٿي، فقط غريبن ۽ بي پھچ ماڻھن جا اُن وقت ۾ گھر، اجھا ڊاٿا ويا آھن جنھن دور ۾ ٻن ويلن جي ماني کائڻ به تمام ڏکي آھي. انھن مان اڪثريت پورھيت طبقو ئي آھي، جيڪو ھن وقت مالي ۽ ذھني مشڪلاتن جي ور چڙھيل آھي. اھڙي عمل سان امير ويتر امير ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي. آبپاشي کاتو ھجي، ٻيلو کاتو ھجي يا ميونسپل جا ادارا ھجن آپريشن صرف ۽ صرف بي پھچن ماڻهن خلاف ئي ٿيندا رھيا آھن، تازو ٿيل آپريشن کان اڳ به سکر جي انتظاميا بندر وال خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ھو، جِتان دوڪان ۽ گھر خالي ڪرائي معاوضا ڏنا ويا ھئا، پر اُن ئي بندر وال تي اڄ به گھڻ ماڙ عمارتون موجود آھن جن جي ھڪ سِر کي به اڄ تائين نقصان ناھي پھچايو ويو، ڇا صرف بي پھچ، غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن جون اوڏاتون سنڌوءَ لاءِ نقصان جو سبب ھيون؟ ڇا ھي گھڻ ماڙ عمارتون سنڌوءَ جي لاءِ مڪمل طور محفوظ آھن؟
ھِتي ذڪر ڪرڻ ضروري آھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ مان وڏن وڏن فيصلن جي اچڻ وارو سلسلو جاري آھي، 6 اپريل تي ڪيٽل ڪالوني سميت سرڪاري زمينن جي خرد برد متعلق ٻڌڻي جو عدالت تفصيلي فيصلو جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور کي فوري طور تي ھٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته شھر مان مينھن جا واڙا ٻاھر منتقل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڪيٽل ڪالونيءَ جا پلاٽس غير لاڳاپيل ماڻھن کي ڏنا ويا، 18 پلاٽ ھڪ ئي فيملي کي ڏئي سخاوت جو عملي مظاھرو ڪيو ويو آھي. عدالت ۾ اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته سکر ضلعي جي تعلقي نيو سکر جي نصير آباد ۾ موجود سرڪاري زمينن کي بنا ڪنھن تصديق جي وڪرو ڪيو ويو آھي، جنھن جي جاچ جاري آهي. سرڪاري زمين جي وڪرو ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور کي ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڄاڻايو ته ڊپٽي ڪمشنر سکر سرڪاري زمينن جو ڪسٽيڊين ھوندو آھي، پر ھن اِن معامري ۾ غفلت جو مظاھرو ڪيو آھي، تنھن ڪري کيس عھدي تان فوري طور ھٽايو وڃي، جيستائين اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري مڪمل نٿي ٿئي تيستائين کيس ڪا به فيلڊ پوسٽنگ نه ڏني وڃي. اِن کان اڳ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي آباد ٿاڻي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مبين جتوئي، عمر چاچڙ ۽ مختيارڪار توڙي تپيدار مٿان سرڪاري زمين تي قبضي، فراڊ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ھئي. ايف آر ۾ ڄاڻايو ويو ھو ته مبين جتوئي، عمر چاچڙ اُن وقت جي تپيدار ۽ مختيارڪار جي ملي ڀڳت سان نئين تعلقي سکر جي سروي نمبر 484 مان هڪ ايڪڙ کان وڌيڪ سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ جعلسازي ڪري قبضو ڪيو ويو آهي، عدالت جي حڪم بعد آباد ٿاڻي تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مبين جتوئي، مختيارڪار، تپيدار سميت لاڳاپيل ذميوارن خلاف ته نصير آباد ۾ سرڪاري زمين جعلسازيءَ سان ڦٻائڻ واري ايف آءِ آر ته داخل ڪرائي وئي پر اُن ۾ اُن وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر يعني موجوده ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور جو نالو شامل نه ڪيو ويو ھو، جنھن تي ايف آءِ آر ۾ شامل ٿيلن لاڳاپيل ڌرين وٽ اعتراض واريو ته زمين واري ڪاغذن تي رانا عديل تصور جي به صحي موجود آھي، جنھن کان پوءِ اِھو معامرو وڌيو جيڪو ڪورٽ وڃي پھتو ۽ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم به انڪوائري ۾ ڊي سي سکر کي شامل ڪرڻ کان پوءِ عدالت کيس ھٽائڻ جو حڪم ڏنو آھي. روزانو جي بنياد تي سکر پريس ڪلب توڙي سنڌ جي مختلف پريس ڪلبن آڏو شھري، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا ته سندن زرعي توڙي رھائشي زمينن جا کاتا تبديل ڪري قبضا ڪيا ويا آھن. اھڙيون شڪايتون ڪندڙن کي لاڳاپيل آفيسر ڇو ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناھن ھوندا؟ جيڪڏھن درخواست ورتي به وڃي ٿي ته اڪثر اُھا فارملٽي پوري ڪرڻ لاءِ ھوندي آھي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران سمورين سرڪاري زمينن جي ليز رد ڪئي وئي آھي پر اِن باوجود سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ سرڪاري ايراضين تي وڏي پئماني تي قبضا برقرار آھن.