بابا لاڊلا گروپ جو دھشتگرد نصير عرف وليش گرفتار!

0
283

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي دوران لياري گينگ وار جي بابا لاڊلا گروپ جي دھشتگرد نصير عرف وليش کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي اختيارين موجب گرفتار دھشتگرد جي قبضي مان ھٿيار ھٿ، ڪيا ويا جڏهن ته گرفتار دھشتگرد زاھد لاڊلا جو فرنٽ مين آھي. دھشتگرد نصير قتل ۽ ڀتي خوري سميت ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آھي. اختيارين موجب نصير بي آر اي ۾ شموليت ڪئي ھئي، جنھن بعد 2018 ۾ شاھنواز بلوچ کان بي آر اي جي ڪيمپ ۾ دھشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي. جوابدار بي آر اي جي دھشتگردن سان گڏجي ايف سي چيڪ پوسٽن تي حملا به ڪيا، جوابدار مخالف گينگ جي ڪارندن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻھن جي قتل ۾ ملوث آھي.