”نابين آهيان، ڀتو ڪيئن ٿو وٺي سگهان؟“ عدالت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو

0
755

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ۽ سيشن جج جي عدالت ۾ نابين سخص خلاف 8 ڄڻن کان ڀتي خوري واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس ۾ نامزد نابين شخص صغير احمد عدالت ۾ پيش ٿيو، سندس چوڻ هو ته نابين آهيان، بنا سهاري جي هلي نٿو سگهان، آئون ڀتو ڪيئن ٿو وٺي سگهان؟هن چيو ته درخواست ڪندڙ عمران احمد 10 لک رپيا ڀتي جو بي بنياد الزام لڳايو آهي. هن چيو ته مون مشرف ڪالوني ۾ پلاٽن تي غير قانوني قبضي جي شڪايت ڪئي هئي. جنهن جي انتقام طور مون مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته درخواست ڪندڙ عمران احمد جو چوڻ هو ته منهنجو مشرف ڪالوني ۾ گهر تعمير هيٺ هو ته ملزمن ڀتو طلب ڪيو، نه ڏيڻ تي گهر جون ڀتيون ڪيرايون ويون. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست خارج ڪري ڇڏي.