نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان ميتلا ڳوٺ ۾ بروهي ۽ ميتلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان الطاف پٽ بشير بروهي زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي کڻائي ويا، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.وارث نوجوان جو لاش نئون ديرو اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايو. غلام فاطمه صحافين کي ٻڌايو ته وحيد، جاويد، نذير، حسين بخش، اسماعيل، اسلم، نويد ميتلو نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته جوابدار ڌر معظم عباسي وٽ به فيصلو ڪيو هو، جنهن تي هنن عمل نه ڪيو ۽ فيصلي تان ڦري ويا ۽ بعد ۾ مير منظور خان پنهور جي سرپئنچيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ فيصلو ٿيو، جنهن ۾ ميتلا ڌر جي جوابدارن مٿان 50 لک روپيه ڏنڊ پيو جنهن مان هڪ لک روپيه هنن کي معاف ڪيو ويو ۽ 49 لک ڏنڊ جي رقم هنن کي ادا ڪرڻي هئي جيڪا هنن ادا نه ڪئي ۽ اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مسلسل ڌمڪائيندا هئا.پوليس جوابدارن خلاف ڪجهه به نٿي ڪري، جيڪڏهن پوليس ڏوهاري وحيد کي آزاد نه ڪري ها ته اسان جو نوجوان قتل نه ٿئي ها.هوڏانهن مقتول نوجوان جو نئون ديرو اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث لاش ڳوٺ ميتلا کڻائي ويا. نوجوان جي قتل بعد ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر مورچا بند ٿي ويو آهن ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.