ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو واسي رٽائرد پوليس اھلڪار جو پنھنجي ڀاءُ خلاف احتجاج، پٽ کي گرفتار ڪري گم ڪرائڻ جو الزام. رٽائرڊ اھلڪار شوڪت لغاري گذريل ڏينھن پنھنجا ٻار ساڻ ڪري پريس ڪلب پھچي پنھنجي ڀاءُ اي ايس آءِ عاشق لغاري خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڀاءُ سان زميني تڪرار تان جھيڙو ھو. هن 2 ڏينھن اڳ منھنجي پٽ شفقت علي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، خدشو آھي ته پٽ کي ھاف يا فل فرائي نه ڪيو وڃي. ھن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پٽ کي آزاد نه ڪرايو ويو ته هو پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.