ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي پاران مختلف هنڌن تي مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرين کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي  جي  امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته مڪاني اليڪشن ملتوي ڪري عوام کان حقيقي نمائندگي وارو حق کسيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن دوران فوج ۽ رينجرس کي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري سگهي ٿي، آئين جي آرٽيڪيل 220 جو اليڪشن ڪمشنر استعمال نٿو ڪري سگهي ته کيس استعيفا ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن ڪرائڻ نٿي چاهي، اسان  عوام جو ڪيس عدالتن  ۽ رستن تي وڙهنداسين،