ٺٽو ( رپورٽر )  حيدرآباد جي اسپيشل ڪورٽ 6 سال اڳ ٺٽو پاس تي ھٿياربندن پاران گوليون ھڻي قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ شفيع محمد ڪرناڻي جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي 6 ئي جوابدارن محسن سمون، اياز سمون، نواز سمون ۽ ٻين کي بري ڪري ڇڏيو آھي. عدالت جي فيصلي بعد بري ڪيل 6 ئي ڄڻا سينٽرل جيل کان آزاد ٿي گھر پھچي ويا آھن. 6 اپريل 2016ع تي ڏينھن جو باءِ پاس تي ھٿياربندن پاران گوليون ھڻي قومپرست اڳواڻ شفيع محمد ڪرناڻي کي قتل ڪيو ويو ھو، جنھن جو ڪيس ٺٽو ٿاڻي تي محسن سمون، اياز سمون، نواز سمون سميت 6 ڄڻن تي ساخل ڪيو ويو ھو جيڪي گرفتاري بعد سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ اماڻيا ويا جن جو پھرين ڪيس سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ ھلندڙ ھو پر سيڪيورٽي جي خدشن سبب ڪيس کي سينٽرل جيل حيدرآباد جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآبادجي عدالت ۾ ھلايو ويو جتي عدالت ڪيس ۾ شاھديون نہ ملڻ تي فيصلو ٻڌائيندي سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو . جوابدار ڌر پاران ڪيس جي پيروي وڪيل رسول بخش سمون، وڪيل عامر علي ترمزي ۽ وڪيل عبدالمجيد سمون جڏھن ته فريادي ڌر جي وڪيل شبير احمد ڪنڀر ۽ وڪيل تاج محمد ڪئي. ٻئي پاسي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي سينئير وائيس چيئرمين حاجي انور ڪرناڻي وائيس چيئرمين نصير احمد منگي جنرل سيڪٽري سورھيه سنڌي ڊپٽي جنرل سيڪٽري قيوم ابڙو جوائنٽ سيڪٽري مير ساگر سيال خزانچي مظھر عباسي پريس سيڪٽري يوسف ڪرناڻي رابطه سيڪٽري آڪاش کٽي  پنھنجو گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آھي ته شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي قاتلن کي ڪيس مان بري ڪرڻ جي ھو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. ھنن چيو ته شھيد شفيع محمد ڪرناڻي کي ڏينھن ڏٺي جو سري عام بندوقن جا فائير ڪري قتل ڪيو ويو آھي ان جي باوجود به ان جي خون سان سراسر ناانصافي ڪري قاتلن کي خون مان آزاد ڪيو ويو آھي جيڪو فيصلو انصاف تي ٻڌل ناھي.